امان الله مفلح
مان -الله- ’مفلح‘ ولد مولوي جان محمد مهر 16 -جنوري- 1916ع تي ڪوٽ عبدالله خان، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو. پرائمري -تعليم- پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڳڙهي ياسين ۾ مولانا محمد ابراهيم وٽ عربي ۽ فارسي -تعليم- حاصل ڪيائين ۽ -ان- جي ئي صحبت ۾ رهي شاعريءَ ۾ طبع آزمائي ڪيائين. 1960ع ۾ هن باقائدي شاعري شروع ڪئي. سنڌيءَ سان گڏ -اردو-، فارسي ۽ سرائڪي ٻولين ۾ به شاعري ڪيائين. هُن نعت، غزل، مولود، نظم، گيت، وائي ۽ ڪافيءَ جي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي. مفلح جي شاعريءَ جا ڏهه ننڍا ڪتابڙا شايع ٿي چڪا آهن. -جن- مان: (1) ’گلشن نعت‘ (2) ’گلشن -بهار-‘ (3) ’رازِ محبت‘ (4) ’سازِ محبت‘ (5) ’ثناءِ احمدي‘ (6) ’خيالات وغيره قابلِ ذڪر آهن. امان -الله- ’مفلح‘ نهايت نيڪ ۽ پرهيزگار -انسان- هو. مسجد ۾ پيش -امام- جا فرض به انجام ڏيندو هو ۽ شڪارپور جي اڪثر مشاعرن ۾ شرڪت ڪندو هو. هن 28 -جنوري- 1986ع تي وفات ڪئي.[1]