مواد ڏانھن هلو

امان الله شيخ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مضمون نويس، ترجمي نگار ۽ سياسي ڪارڪن امان -الله- شيخ-، لاڙڪاڻي جي ڪرما -باغ- پاڙي جي ڪوڪڙي گهٽيءَ ۾، 15 سيپٽمبر 1949ع تي ڄائو. هن شروعاتي -تعليم- گورنمينٽ پرائمري اسڪول دڙي محلي مان ۽ ثانوي -تعليم-، گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي. ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان بي. -ايس- سي ڪرڻ کان پوءِ، ايم. -ايس- سي ڪميسٽريءَ ۾ ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ پهتو، -جتي- قومي تحريڪ ۾ سرگرميءَ سان حصي وٺڻ ڪري ريسٽيڪيٽ ڪيو ويو، جنهنڪري ايم. -ايس- سي مڪمل نه ڪري سگهيو. هن ٻوليءَ جي لسٽن، اينٽي ون يونٽ تحريڪ، جيئي سنڌ هلچل ۽ ايم. -آر-. ڊي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. ڪيترائي ڀيرا جيل ڪاٽيائين. هو جيئي سنڌ نوجوان محاذ، سنڌ يونائيٽيڊ فرنٽ ۽ جساف جو بنيادي ميمبر ۽ پهريون مرڪزي نائب صدر، نئشنل ڊئموڪريٽڪ پارٽيءَ جي مرڪزي ڪاميٽيءَ جو ميمبر، -پاڪستان- نئشنل پارٽيءَ جو مرڪزي آرگنائيزر، (جناب غوث بخش بزنجي جي وفات کان پوءِ، پارٽيءَ جو سربراهه)، پيپلزپارٽي (ش. ڀ) جو مرڪزي اڳواڻ رهيو آهي. هيءُ مقرر، ترجمي نگار ۽ مضمون نويس آهي. هن جا ٽي ڪتاب ڇپيل آهن: (1) ’انقلابن جي -تاريخ-‘ (ايم. اين. راءِ جي ڪتاب جو ترجمو، 1983ع)، (2) ’ڏونگر نيٺ ڏرن‘ (غلام هيروز جو ترجمو، 1985ع)، (3) ۽ ’جيئن جيئن تپي ڏينهن‘ ۽ (ڪالم: 1999ع) ڇپيل آهي. هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي ۽ وڪالت ڪري ٿو.[1]

حوالا

[سنواريو]