مواد ڏانھن هلو

امام ڳڙھ جو قلعو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هيءُ قلعو /اڏاوت مير رستم خان جي وقت جي آهي. هيءُ قلعو خيرپور ضلعي ۾ ڪوٽڏجيءَ ڀرسان قومي شاھراهه کان نڪرندڙ نارا روڊ وسيلي نارا گيٽ، تجل ۽ لڪ جي ڳوٺن کان پوءِ، جروئي ۽ مٺي ڳوٺ پھچي، اتان -اوڀر- ڏکڻ 142 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي (ھندوستان -پاڪستان- جي سرحد تي) آهي. -امام- ڳڙهه جي قلعي جو ذڪر مير رستم خان ۽ مير علي مراد جي پڳ جي جھيڙي کان پوءِ -تاريخ- ۾ ملي ٿو. پوڙھو حاڪم مير رستم خان، علي مراد خان ۽ چارلس نيپئر جي ڊپ کان پنھنجي زال ۽ ٻن -ٻانھين- سان، پڳ، حڪومت ۽ ملڪيت ڇڏي -امام- ڳڙهه جي قلعي ڏانھن ھليو ويو ھو. رستي ۾ برساتن پوڻ ڪري سندس زال -اٺ- -تان- ڪري پئي ھئي ۽ -ان- جي ٻانھن ڀڄي پئي، جڏھن ته ٻئي ٻانھيون مري ويون. مير رستم خان کي گھڻي تڪليف پھتي. مير مراد علي جون -اکيون- حڪومت ۾ ھيون ۽ پاڻ نيپئر وٽ پھتو ته مير رستم پڳ -تان- دستبردار ٿي ويو آھي ۽ زمينون به ڇڏي ويو آھي. ھاڻي مون کي حاڪم بناءِ، مگر نيپئر مير رستم کي راهه مان ھٽائڻ ٿي چاھيو. -ان- ڪري ھن مير علي مراد کي شهه ڏني ته -امام ڳڙهه جو قلعو- به ھاڻي تنھنجي ملڪيت آھي. متان مير رستم اڳتي ھلي فوجي طاقت -امام- ڳڙهه ۾ ڪٺي ڪري. -ان- ڪري -امام- ڳڙهه تي حملو ڪيو وڃي. جنهن تي نيپئر مير علي مراد خان کي سونھون ڪري 12 -جنوري- 1842ع تي -امام- ڳڙهه پھتو. ساڻس ساڍا ٽي سؤ پيادا ۽ چوويھن پائونڊن واريون ٻه توبون ۽ پنجاهه گھوڙي سوار گڏ ھئا. ليمبرڪ جي لکڻ موجب -امام ڳڙهه جو قلعو- مڪمل طور تباهه ڪيو ويو. نيپئر لکي ٿو ته -امام ڳڙهه جو قلعو- -بارود- جي ڏهه ھزار پائونڊن سان ذريون ذريون ٿي چڪو. اھا به تاريخي حقيقت آھي ته جڏھن نيپئر قلعو زبون ڪري موٽيو ته اڇڙي -ٿر- جي زمين کانئس سٺو انتقام ورتو. ھو لکي ٿو ته -اسان جون اکيون- ڪن، وات ۽ ڏند واري جي تهن چڙھڻ ڪري، ڪيترائي ماڻھو بيمارين جو شڪار ٿي پيا. ياد رھي ته رستم علي -ٽالپر-، مير مراد علي -ٽالپر- جو وڏو -ڀاءُ- ۽ مير سھراب خان جو وڏو پٽ ھو. قلعي جا کنڊر موجود آھن، پر اتي پھچڻ مشڪل آھي.[1]

حوالا

[سنواريو]