مواد ڏانھن هلو

امام ڏنو فقير

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

معروف شرناءِ نواز فنڪار -امام ڏنو فقير- 1950ع ڌاري ٽنڊي مير محمود، حيدرآباد ۾ ڄائو. سنڌ ۾ شرناءِ وڄائيندڙ فنڪارن ۾ کيس ملڪو حاصل هو. ڪلاسيڪل توڙي سر سوز مهارت سان وڄائي ڄاڻندو هو. ڪيترائي ڀيرا شاهه عبداللطيف ڀٽائيرحه جي ميلي جي تقريبن ۾ مهمانن جي آمد وقت شرناءِ وڄايائين. هيءُ ڍڍ وڄائڻ ۾ به ماهر هو. حيدرآباد ۾ محرم الحرام جي ڏينهن ۾ پڙن توڙي ماتمي جلوسن ۾ به سوز وڄائيندو هو. هن پنهنجي سُنگ لاءِ الڳ ڊريس به تيار ڪرائي، جنهن ۾ پيازي رنگ جا ڪپڙا، زري واري صدري ۽ -پٽڪو- شامل هئا. هن پنهنجي سُنگ سان ڪيترين ئي محفلن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. هن جا ڪيترائي شاگرد هئا. هن ثقافتي پروگرامن جي سلسلي ۾ امريڪا، فرانس، ڪئنيڊا ۽ دبئي ۾ پڻ فن جو مظاهرو ڪيو، -جن- مان اڪثر دورا حميد آخــونـد ۽ مـمـتاز مرزا جـي اڳــواڻـيءَ ۾ ڪيائين. کـيـس شـاهه لـطـيـف اوارڊ (2003ع)، لال شهباز قلندر اوارڊ ۽ صوفي ميوزڪ اوارڊ پڻ مليا. هن 26 -اپريل- 2012ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. هن کي -ٽن- پٽن ۽ -ٽن- نياڻين جو اولاد آهي. کيس جڙيل شاهه قبرستان ٽنڊي -آغا- ۾ دفنايو ويو.[1]

حوالا

[سنواريو]