امام ضامن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

امام موسيٰ رضا جو لقب. -امام ضامن- جو رپيو، ويساهه وارا، -امام ضامن- جي نالي تي باسي تعويذ طور -ٻانهن- ۾ ٻڌندا آهن، اهو سِڪو يا رپيو مسافر جي سلامتيءَ سان سفر پوري ڪرڻ جي سوڻ طور -ٻانهن- ۾ ٻڌجي ٿو، جيئن انهيءَ جو -امام- موسيٰ رضا، ضامن هجي. جڏهن مسافر سفر -تان- واپس آيو، تڏهن اهو سڪو يا رپيو ڪنهن مستحق کي خيرات ۾ ڏيئي ڇڏبو آهي يا ڪنهن خير جي ڪم تي لڳائبو آهي. اها رسم فقط شيعن ۾ آهي.[1]

حوالا[سنواريو]