امام بخش صابر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مرحوم خانبهادر حاجي امام بخش خان عرف شاهنواز خان جتوئي، 15 رجب 1299ھ/25 جولاءِ 1881ع تي تعلقي موري جي ڳوٺ ”مَلڪ“ ۾ ڄائو. خانبهادر غلام رسول خان سندس والد هو. 1891ع ۾ پنهنجي ڳوٺ جتوئيءَ جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿيو. ساڳئي سال اسڪول ڇڏي، پنهنجي خانگي مقرر ڪيل استاد قاضي عبدالرئوف وٽ قرآن پاڪ، فارسي ۽ عربيءَ جي تعليم ورتائين. 1897ع ۾ ٻيهر ساڳئي اسڪول ۾، ٽئين درجي ۾ داخل ٿيو. خانبهادر امام بخش خان ’صابر‘ جتوئيءَ رئيس علودي خان جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي. طب جي علم سان دلچسپي هئس، صوفي طبع ۽ راڳ جو شوقين هو. فقيرن سان ڳائڻ وڄائڻ ۾ شامل ٿي ويندو هو. ميرن جي صاحبيءَ ۾، پورالي درياھ جي پائڻ سبب اباڻي ڳوٺ ڪچي کي الوداع ڪري، ڪوهه ٻن جي مفاصلي تي عارضي طور ڳوٺ ٻڌي ويٺو. جنهن بعد ٽن هنڌن تي لڏپلاڻ کان پوءِ، ضلعي دادوءَ کي ڇڏي، نوشهري فيروز جي ديهه، ”فريد ديري جاگير“ ۾ ”جتوئي“ نالي ڳوٺ ٻڌي ويٺو. 1930ع ڌاري درياهه جي پائڻ سبب ”جتوئي ڳوٺ“ به تباهه ٿي ويو، جنهن کان پوءِ ان ڳوٺ جي ڏکڻاوڀر طرف ڳوٺ ٻڌي ويٺو، جنهن جو نالو ”نوان جتوئي“ رکيائين. انگريز سرڪار پاران، 1912ع ۾ کيس ”خانصاحب“ ۽ 1926ع ۾ ”خانبهادر“ جو خطاب مليو. 1916ع کان 1938ع تائين تعلقي موري جو فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ رهيو. ان وچ ۾ 1920ع کان 1932ع تائين بمبئي ڪائونسل ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ ٿي رهيو. 1933ع کان 1936ع تائين ضلعي نوابشاھ ۾ ضلعي لوڪل بورڊ نوابشاھ جو صدر چونڊيو. پنهنجي ان دؤر ۾ خانصاحب تعليمي حوالي سان وڏا ڪم ڪيا. خانبهادر حاجي امام بخش، بهترين شاعر پڻ هو ۽ شاعريءَ ۾ پنهنجو تخلص ”صابر“ رکيائين. فارسي زبان تي عبور هئڻ ڪري، سندس شاعريءَ ۾ فارسيءَ جو اثر نمايان آهي، کيس ڪافيءَ تي عبور حاصل هو. سنڌيءَ کان سواءِ سرائڪيءَ ۾ پڻ ڪلام چيائين. سندس ڪلام جو مجموعو ””سُخن صابر“ 1987ع ۾ ڇپيو، جيڪو مومن پبليڪيشن طرفان، سندس ٻئي نمبر پوٽي غلام مجتبيٰ خان جتوئيءَ جي سهڪار سان ڇپيو. ان جو ٻيو ڇاپو 2007ع ۾ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. سندس ڪلام کي ڪيترن ئي مقامي فنڪارن پڻ ڳايو آهي. 14 رمضان المبارڪ 1357ھ/7 نومبر 1938ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪيائين. سندس مزار نوان جتوئيءَ ڀرسان ديهه دلو شاهه جي مُقام ”صابر شاھ“ ۾ آهي. امام بخش ”صابر“ تي محمد ذسن چنا، ايم. اي سنڌيءَ جو مونوگراف پروفيسر علي نواز جتوئيءَ جي نگرانيءَ ۾ 621960ع دوران پڻ لکيو هو، ’صابر‘ جا ڪلام مشهور فنڪارن استاد انور الدين جتوئيءَ ۽ عثمان فقير ۽ ٻين ڳايا آهن.[1]. سندس فرزند حاجي غلام رسول جتوئي ھيو . سندس پوٽو ميان غلام مصطفيٰ جتوئي ڪجهه وقت صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر هو ۽ هن وقت نيشنل اسيمبليءَ جو ميمبر آهي.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D9%85%D8%A7%D9%85%20%D8%A8%D8%AE%D8%B4%20%20%D8%B5%D8%A7%D8%A8%D8%B1
  2. ڪتاب: جنب گذاريم جن سين;مصنف:جي. ايم. سيد:ايڊيشن:2004ع.ڇپيندڙ؛سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو