امام الدين مجددي
خواجه -امام- الدين مجدديءَ جو شمار سنڌ جي وڏن عالمن ۽ درويشن ۾ ٿئي ٿو . سندس والد خواجه نظام الدين مجددي -تصوف- جو ڄاڻو ۽ باعمل بزرگ هو . هو -پشاور- ۾ ڄائو ۽ پوءِ پنهنجن ٻن پٽن سان گڏ سنڌ ۾ آيو . -ان- وقت سنڌ ۾ -امير- تيمور -بن- -احمد شاهه- ابداليءَ پاران شڪارپور جو حاڪم نواب مولا داد خان افغاني هو ، جيڪو خواجه نظام الدين جو معتقد هو . هيءُ خاندان اڄ تائين شڪارپور ۾ رهي ٿو . ٽالپرن پڻ هن گهراڻي کي ڪيتريون جاگيرون نذراني طور ڏنيون . خواجه نظام الدين جي وفات کان پوءِ ، سندس وڏو فرزند -امام الدين مجددي- سجاده نشين ٿيو ، هو هڪ صاحب ڪمال بزرگ هو ، جنهن وٽ هندو توڙي مسلمان زميندار ۽ عملدار سلامي ڀرڻ ايندا هئا . سندس ڪلام ، گهڻو ڪري فارسي زبان ۾ آهي . آخري عمر ۾ پاڻ حرمين جي زيارت لاءِ ويو . ۽ واپس موٽندي ، ڪراچيءَ کان هڪ ٻيڙيءَ رستي سکر اچي رهيو هو ته لڪيءَ وٽ سڀني کي ” الوداع “ چيائين ۽ 28 رجب 1294ھ/1877ع ۾ رحلت ڪيائين . کيس لڪيءَ جي جبلن ۾ امانت طور دفن ڪيو ويو ، جتان پوءِ سندس فرزند لاش کڻائي اچي شڪارپور ۾ ، خواجه نظام الدين جي ڀرسان دفنايو.[1]