امام الدين ضامن
ڏيک
سنڌ جي مزاحيه شاعر -امام- الدين ’ضامن‘ 16 مارچ 1909ع تي ميهڙ جي ڀرسان دٻي ۾ -جنم- ورتو. -امام- الدين انگريزن جي دؤر ۾ هڪ بهترين سنڌي مزاحيه شاعر هو. هن ابتدائي -تعليم- پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. والد جي وفات کانپوءِ -تعليم- پنجين درجي ۾ ڇڏي -ٽپال- کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪيائين، بعد ۾ اها نوڪري ڇڏي فقيري -تلاش- ۾ نڪتو ۽ وڃي قلندر جي درگاهه وسايائين ۽ شمس الدين -بلبل- جي صحبت ۾ رهي شاعري شروع ڪيائين. شاعري شروع ڪيائين. شاعريءَ ۾ سندس تخلص ’ضامن‘ هو. سندس مزاحيه شاعري گفتن سان ڀرپور آهي، کيس مزاحيه شاعريءَ ۾ تمام گهڻي مڃتا ملي. سنڌ جي هن مزاحيه شاعر 1959ع ڌاري وفات ڪئي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ امام الدين ضامن : (Sindhianaسنڌيانا), اصل نسخو مان 2023-04-14 تي محفوظ ڪيل, 2016-05-31 تي حاصل ڪيل