اماس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

چنڊ جي مهيني جو پويون ڏينهن، جنهن ڏينهن تي چنڊ بلڪل لڪي ويندو آهي ۽ نظر نه ايندو آهي. وري پهرين -تاريخ- تي الهندي طرف کان سنهڙيءَ ليڪ جي روپ ۾ ظاهر ٿيندو آهي، جيڪو روزانو 50 منٽ دير سان اُڀرندو ۽ لهندو آهي، -تان- جو 14 -تاريخ- تي سڄو روشن ڏسبو آهي. چوڏهينءَ -تاريخ- کان پوءِ چنڊ -اوڀر- کان 50 منٽ دير سان اُڀرندو ڏسبو، پر 28 -تاريخ- تي رات جي ڪنهن به وقت بلڪل نظر نه ايندو. اها -تاريخ- اونداهي رات ٿيندي آهي. تنهنڪري -ان- کي اُماوس يا ”اماس“ چئبو، اها رات ڪاري ٿيندي آهي.[1]

حوالا[سنواريو]