الھڏنو مھر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سگهڙ الهه ڏنو -پٽ گل- بيگ مهر، ڳوٺ ڪنڊي تعلقي ميرپورماٿيلي، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ سال 1290ھ/1873ع ۾ ڄائو. کيس ٻين به ڪيترن ئي شاعرن جو ڪلام ياد هو. پنهنجي ڪلام ۾ -ٿر- جا محاورا گهڻا ڪم آندا اٿس. اڻ پڙهيل هو. پير پکڙائيءَ جو مجاور هو، تنهنڪري -ان- جي حب ۾ گهڻو ڪلام ڇپرايو اٿس، مالوند ماڻهو هو، جنهنڪري بيتن ۾ مال جا گهڻا نالا ڪتب آندا اٿس. ميلن ۽ مارڪن جو شوقين هو. سندس ٻه -پٽ گل- بيگ ۽ ڌڻي بخش به پيءُ وانگر سگهڙ آهن. هن 80 ورهين جي ڄمار ۾ سال 1370ھ/1950ع ۾ وفات ڪئي.[1]

حوالا[سنواريو]