الھيار ترڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
الھيار تررڪ
سنڌ جي يونين ڪاؤنسل
Allahyar Turk
الھيار تررڪ is located in سنڌ
الھيار تررڪ
الھيار تررڪ
الھيار تررڪ is located in Pakistan
الھيار تررڪ
الھيار تررڪ
جاگرافي بيهڪ: 24°59′17″N 68°23′55″E / 24.98806°N 68.39861°E / 24.98806; 68.39861مڪانيت: 24°59′17″N 68°23′55″E / 24.98806°N 68.39861°E / 24.98806; 68.39861
ملڪ  پاڪستان
صوبو  سنڌ
ضلعو ٽنڊو محمد خان

الھيار ترڪ(انگريزي: Allahyar Turk) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ٽنڊو محمد خان جي تعلقي بلڙي شاھ ڪريم جي ھڪ يونين ڪاؤنسل وارو شھر آھي. ان جو پورو نالو يو سي 12 الھيار ترڪ آھي. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ چار وارڊ آھن جن مان 4 جنرل ڪائونسلر چونڊبا آھن ۽ ھڪ ضلعي ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو آھي جيڪو ضلعي ڪائونسل ۾ يونين ڪاؤنسل جي نمائندگي ڪندو آهي. يونين ڪاؤنسل جا چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين پڻ سڌي چونڊ ذريعي عھدو سنٻاليندا آھن. اھو ھڪ يو سي وارو ننڍڙو شھر آھي جنھن جي ٽن طرفن کان پاڻي جي ڍنڍ واقع آھي. اھو ٽنڊو محمد خان- بلڙي شاھ ڪريم روڊ تي واقع ڪپور موري کان 2 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف واقع آهي. الھيار ترڪ ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي پرائمري اسڪولن سميت ھڪ گورنمينٽ مڊل اسڪول پڻ واقع آهي. ھتي ھڪ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ڊسپينسري ڏينھن م ڇھ ڪلاڪ صحت جي سھولت فراهم ڪري ٿي.