الھه بخش شاھ بخاري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سيد الهه بخش شاهه بخاريءَ 1 نومبر 1931ع تي، ڳوٺ تُنيا بقا شاهه، تعلقي ڪنڊياري ۾، صوفي بزرگ حاجي ٻُڍل شاهه ”حُسينيءَ“ جي گهر ۾ -جنم- ورتو. پرائمري -تعليم- پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ، مئٽرڪ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول نوابشاهه (موجوده ايڇ. ايم خواجه هاءِ اسڪول) مان ڪيائين. بي. اي 1954ع ۾ ۽ ايم. اي (اسلامڪ ڪلچر) 1966ع ۾ ڪيائين. 1950ع کان 1954ع تائين نورمحمد هاءِ اسڪول، ۽ 1958ع تائين گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر 1- ۾ بحيثيت -استاد- ملازمت. -جولاءِ- 1958ع ۾ ريڊيو -پاڪستان- حيدرآباد تي بطور پروڊيوسر مقرر

ٿيو ۽ بعد ۾ ڪراچيءَ ۾ پروگرام مينيجر، -بهاولپور- ۽ خيرپور ۾ -اسٽيشن- ڊائريڪٽر به رهيو، جتان 31 -آڪٽوبر- 1991ع تي رٽائر ڪيائين. 12 جون 1994ع کان 14 نومبر 1996ع تائين سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو سيڪريٽري رهيو. 19 نومبر 2008ع تي ڪراچيءَ جي هڪ نجي اسپتال ۾ وفات ڪيائين، کيس پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

سيد -الهه بخش شاهه بخاري- صوفي مسلڪ جو ماڻهو هو، سلسلي ’قادريه‘ ۽ ’چشتيه‘ جو طالب هو ۽ انهيءَ نسبت جي ڪري راڳ سان گهڻو لڳاءُ هئس. ڪيترن ئي ناميارن راڳين سان سندس سٺا لاڳاپا رهيا.[1]

حوالا[سنواريو]