الھبچايو يار محمد سمون
ڏيک
سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب ۽ محقق 9 مئي 1912ع تي ملير ضلعي ڪراچي ۾ سمن جي قديم خاندان جي هڪ غريب گهر ۾ ڄائو. ڊسمبر 1958ع ۾ وفات ڪيائين. الهبچايو يار محمد سمو ڪراچيءَ جو اهو پراڻو ليکڪ ٿي گذريو آهي، جنهن ڪراچيءَ جي قديم لهجي، لسٻيلي دادوءَ ۽ ڄامشوري جي سنڌي ٻوليءَ جي ڪوهستاني ۽ لاسي لهجن ۽ اتان جي ادب ۽ -ثقافت- جي -تاريخ- بيان ڪئي آهي. هن جا -ٻه ڪتاب- ”سير ڪوهستان“ (1942ع) ۽ ”لاڙ جو سير“ (سنڌي ادب)، انفرادي حيثيت رکن ٿا، جنهن ۾ سندس زبانداني، انشا ۽ پردازي، طرز تحرير ۽ اسلوب جي نواڻ موجود آهي. سير ڪوهستان سنڌي ادب جي هڪ لافاني -تخليق- آهي. اهڙيءَ طرح لاڙ جو سير (1971ع) ڪتاب ۾ لاڙ جي -تاريخ-، -ثقافت- ۽ لهجي جو بهترين تذڪرو ڪيو آهي. يار محمد سمي جا هي ٻئي ڪتاب سنڌي نصاب ۾ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ شامل رهيا آهن.[1]