الھبچايو ميمڻ
ڏيک
هڪ سخي مرد، با حيا ۽ صابر، ديني خدمت لاءِ پاڻ کي وقف ڪرڻ وارو، شهر پنگريي ۾ ٿي گذريو آهي. پاڻ پنج درجا سنڌي پڙهيو ۽ پوءِ ديني -تعليم- وقت جي برک عالم حافظ محمد سليمان کٽيءَ وٽ حاصل ڪيائين. هو هڪ سماجي ڪارڪن به هو. پنگريي شهر مان ٻه دفعا لوڪل بورڊ جو ميمبر چونڊيو. واندڪائيءَ ۾ اسڪولي شاگردن کي قرآني -تعليم- ڏيندو هو. هيءُ پرهيزگار شخص 12 فيبروي 1982ع تي گذاري ويو.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ الهبچايو ميمڻ : (Sindhianaسنڌيانا), اصل نسخو مان 2016-05-01 تي محفوظ ڪيل, 2016-05-30 تي حاصل ڪيل