اليڪٽرڪ پاور
برقي پاور Electric Power | |
---|---|
عام نشانيون |
℘ يا P |
ايس آئي يونٽ | واٽ (W) |
ٻيا يونٽ |
Kg.m2.s-3 |
Dimension |
بجلي جي پاور (Electric Power) هڪ بجلي جي سرڪٽ جي اندر برقي توانائي جي منتقلي جي شرح آهي. ان جي اڪائين جي بين الاقوامي نظام جي اڪائي واٽ آهي، پاور (طاقت) جي عام اڪائي، جنهن کي هڪ جول في سيڪنڊ توانائي جي منتقلي طور بيان ڪيو ويندو آهي. ڪلو، ميگا ۽ گيگا جا معياري لاحقا، ٻين SI يونٽن وانگر، بالترتيب هن جي 103 ، 106 ۽ 109 جي ضرب سان مقدار ڏيکاريل لاء استعمال ٿيندا آهن.
عام ٻولي ۾، بجلي جي پاور سان مراد بجلي جي پيداوار ۽ ترسيل آهي، جيڪا دنيا جي اڪثر حصن ۾ هڪ ضروري عوامي افاديت آهي. بجلي يا بجلي جي پاور عام طور تي برقي جنريٽر ذريعي پيدا ڪئي ويندي آهي، پر ان کي برقي بيٽري جي ذريعي پڻ فراهم ڪري سگهجي ٿو. اها عام طور تي، بجلي جي پيدا ڪندڙ پاران هڪ برقي گرڊ جي ذريعي صنعتن ۽ گهريلو صارفين کي فراهم ڪئي ويندي آهي.
بجلي جي پاور کي ڊگهي فاصلن تي ٽرانسميشن لائينن ذريعي پهچائي سگهجي ٿو ۽ حرڪت، روشني ۽ گرمي ايپليڪيشنن لاءِ اعليٰ ڪارڪردگي سان استعمال ڪري سگهجي ٿي.[1]
تفصيل
[سنواريو]℘ = E/t ℘ = F.v ℘ = V.I ℘ = τ. ω
Kg.m2.s-3
حوالا
[سنواريو]- ↑ Smith, Clare (2001). Environmental Physics. London: Routledge. ISBN 0-415-20191-8.