مواد ڏانھن هلو

اليڪٽرڪ بيٽري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
برقي بيٽري
Electric battery
فعال آلو
Various cells and batteries (top left to bottom right): two AA, one D, one handheld ham radio battery, two 9-volt (PP3), two AAA, one C, one camcorder battery, one cordless phone battery
Various cells and batteries (top left to bottom right): two AA, one D, one handheld ham radio battery, two 9-volt (PP3), two AAA, one C, one camcorder battery, one cordless phone battery
Official logo of برقي بيٽري
ايجاد جو سال1800ع
موجداليسانڊرو وولٽا
ٽرمينلٻه؛ اينوڊ (مثبت) ۽ ڪيٿوڊ (منفي)

اليڪٽرڪ بيٽري (Electric Battery) برقي طاقت جو هڪ ذريعو آهي، جيڪا هڪ يا وڌيڪ اليڪٽروڪيميڪل سيلن تي مشتمل هوندو آهي ۽ برقي آلن کي طاقت ڏيڻ لاءِ، هڪ ٻاهرين ڪنيڪشن سان ڳنڍيل هوندو آهي.[1] جڏهن هڪ بيٽري بجلي فراهم ڪري رهي هوندي آهي، ان جو مثبت ٽرمينل، جنهن کي "ڪيٿوڊ" (Cathode) چئبو آهي ۽ ان جي منفي ٽرمينل، جن کي اينوڊ (Anode) چئبو آهي. [2] منفي نشان لڳل ٽرمينل اليڪٽران جو ذريعو هوندو آهي. جڏهن هڪ بيٽري هڪ ٻاهرين برقي لوڊ سان ڳنڍي وڃي، منفي چارج ٿيل اليڪٽران سرڪٽ مان وهندا آهن ۽ مثبت ٽرمينل تائين پهچندا آهن. اهڙي طرح مثبت چارج ٿيل آئنز (Cation) کي راغب ڪندي ريڊوڪس رد عمل جو سبب بڻجن ٿا. اهڙي طرح، اعليٰ توانائي وارا ري ايڪٽنٽ گهٽ توانائي جي شين ۾ تبديل ٿي ويندا آهن ۽ آزاد توانائي جو فرق برقي توانائي جي طور تي ٻاهرين سرڪٽ ڏانهن پهچايو ويندو آهي. تاريخي طور تي اصطلاح "بيٽري" خاص طور تي ڪيترن ئي بيٽري سيلن تي مشتمل هڪ ڊوائيس جو حوالو ڏئي ٿي، جڏهن ته استعمال هڪ واحد بيٽري سيل مان ٺهيل ڊوائيسز کي شامل ڪرڻ لاءِ پڻ ترقي ڪئي آهي.[3]

پرائمري (هڪ ڀيرو استعمال ٿيندڙ يا "ڊسپوزيبل") بيٽريون هڪ ڀيرو استعمال ڪيون وينديون آهن ۽ پوء رد ڪيون وينديون آهن، ڇاڪاڻ ته اليڪٽروڊ جا مواد ڊسچارج دوران ناقابلِ واپسي طور تي تبديل ٿي ويندا آهن. هڪ عام مثال ٽارچ لائيٽن ۽ پورٽيبل اليڪٽرانڪ ڊوائيسز جي هڪ ڪثرت لاءِ استعمال ٿيندڙ الڪلائن بيٽري آهي. ثانوي (ريچارج ٿيندڙ) بيٽرين کي لاڳو ٿيل برقي ڪرنٽ استعمال ڪندي ڪيترائي ڀيرا ڊسچارج ۽ ري چارج ڪري سگهجي ٿو، جئين ته انهن ۾ اليڪٽروڊ جي اصل ساخت کي ريورس ڪرنٽ ذريعي بحال ڪري سگهجي ٿو. مثالن ۾ اندروني ڪمبشن انجڻ گاڏين ۾ استعمال ٿيندڙ ليڊ-ايسڊ آٽوميٽو بيٽريون (Lead Bateries) ۽ پورٽيبل اليڪٽرانڪس ۽ اليڪٽرڪ ڪارن لاءِ استعمال ٿيندڙ ليٿيم آئن بيٽريون (Lithium Ion Batteries) شامل آهن.

بيٽريون ڪيترن ئي شڪلن ۽ سائزن، جئين ته ڪلائي گھڙين کي طاقت ڏيڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ، کان وٺي ڪمرن جي سائيز جي سڀ کان وڏي انتهائي وڏي بيٽري بينڪن تائين جيڪي ٽيليفون ايڪسچينج ۽ ڪمپيوٽر ڊيٽا سينٽرن لاءِ اسٽينڊ بائي يا ايمرجنسي پاور فراهم ڪن ٿيون، ۾ اچن ٿيون. ننڍن سيلن بيٽرين ۾ پيٽرول جهڙن عام اينڌن (fuels) جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ مخصوص توانائي (توانائي في يونٽ ماس) هوندي آهي. گاڏين ۾، اها ڪجهه حد تائين ڪمبشن انجڻ جي مقابلي ۾ برقي موٽرن (برقي توانائي کي ميڪاني ڪم ۾ تبديل ڪرڻ ۾) جي اعلي ڪارڪردگي جي ڪري آفسيٽ ڪيو ويندو آهي.

حوالا

[سنواريو]
  1. Crompton, T. R. (2000-03-20). Battery Reference Book (third ed.). Newnes. p. Glossary 3. ISBN 978-0-08-049995-6. https://books.google.com/books?id=QmVR7qiB5AUC&q=battery%20one%20or%20more%20cells&pg=PA11. Retrieved 2016-03-18.
  2. Pauling, Linus (1988). "15: Oxidation-Reduction Reactions; Electrolysis". General Chemistry. New York: Dover Publications, Inc.. p. 539. ISBN 978-0-486-65622-9. https://archive.org/details/generalchemistry00paul_0.
  3. Pistoia, Gianfranco (2005-01-25). Batteries for Portable Devices. Elsevier. p. 1. ISBN 978-0-08-045556-3. https://books.google.com/books?id=XMe1EnEMuMEC&q=battery%20two%20or%20more%20cells&pg=PA1. Retrieved 2016-03-18.

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]