مواد ڏانھن هلو

الله ڦھائي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هي ديهه جو نالو آهي، جيڪا ڪراچيءَ ۾ آهي. ناردرن باءِ پاس سان گڏ حب ڏانهن لياريءَ کان اڳ ساڄي هٿ تي هن ديهه جون حدون شروع ٿين ٿيون. هن جون حدون لياري نديءَ تائين آهن ۽ کار، کٻڙ لڪ ڏانهن ويندي مراد -بروهي- ڳوٺ تائين آهن. هن ديهه جا گهڻي ڀاڱي ماڻهو مالوند آهن، انهن جو زراعت سان گهڻو تعلق آهي پر -پاڻي- گهٽ هئڻ ڪري هتي باراني طريقي سان زمين -آباد- ڪئي ويندي آهي. هن ديهه جو نالو موکيءَ (موکيءَ ۽ متارن واري تمثيلي داستان واري) جي ڀيڻ ”-الله ڦهائي-“ جي نالي پويان رکيل آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]