الله بند
ڏيک
سنڌ ۽ ڪڇ جي سرحد تي ٺهيل هيءُ -بند- 1232ھ/1817ع واري زلزلي ۾ ازخود ٺهي پيل قدرتي -بند- آهي. هن زلزلي سبب ڍورو (-اڀرندو نارو-) اصل جاءِ -تان- پنهنجو رُخ ڦيرائي ويو. ”-الهه بند-“ لڳ ڀڳ 80 ڪلوميٽر ڊگهو ۽ پنجن کان 6 فٽ اوچو آهي. ڇاڪاڻ ته اهو قدرتي طور اڀريو ۽ -بند- جهڙو آهي، انڪري -ان- جو نالو پئجي ويو ’-الله- -بند-‘.[1]