الف شاھ شھيد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حضرت سيد الف شاهه شهيد جو شمار تيرهين صدي هجري جي بزرگن ۾ ٿئي ٿو. الف شاهه شهيد -بخاري- ساداتن مان هو ۽ مدرسي ۾ پڙهندو هو، مٿس ذڪر الاهيءَ جو گھڻو جذبو هو. -ان- وقت شهر جي رئيسن (جنهن جي نالي سان شڪارپور جي -اوڀر- طرف رئيس واهه به موجود آهي،) جون جايون مدرسي جي ڀرسان هونديون هيون. الف شاهه کي رئيس وڏيرن جي هڪ ڇوڪريءَ سان مجازي عشق لڳو. مجازي عشق جذب کي وڌائي ڇڏيو. رئيسن کي اها ڳالهه ڳري لڳي، سو منصوبو ٺاهي کيس دوکي سان ڳڙهي ياسين روڊ تي گھرائي قتل ڪري ڇڏيو. شاهه صاحب پنهنجي هم سبق ساٿيءَ مست علي شاهه کي خواب ۾ ٻڌايو ته: ”مون کي ناحق قتل ڪري، دستيءَ واري مسجد لڳ اڇليو ويو آهي، مون کي اتان کڻائي فلاڻي جاءِ تي دفن ڪرايو.“ ٻئي ڏينهن سندس جسد خاڪي کي کڻائي موجوده مدفن واري جاءِ تي نهايت ئي عزت ۽ احترام سان دفن ڪيو ويو. حضرت الف شاهه شهيد جي مزار ڳڙهي روڊ تي شڪارپور جي نوشهري در جي اڀرندي پاسي آهي.[1]

حوالا[سنواريو]