الفي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

يڪو چولو. ٻانُهن کان سواءِ ڊگهو پهراڻ. فقيرن جي ڪفني. انهيءَ لباس جي شروعات درويشن ۽ لاطمع فقيرن ڪئي، جو انهن، لباس کان بي نياز ٿي، هڪڙيءَ چادر کي وچان چير ڏيئي اهڙو لباس ٺاهيو، جنهن سان اڳ ۽ -پٺ-، پيرن تائين ڍڪجي وڃي. تاريخي لحاظ سان -ان- جي شروعات -امام- غزاليءَ کان ٿي، جنهن محل ماڙيون، ويس وڳا -ترڪ- ڪيا، تڏهن هڪڙيءَ چادر کي وچان چير ڏيئي يڪي چولي وانگر بدن کي ڍڪيائين ۽ راتو واهه پنڌ ڪري وڃي ڪنهن جبل|جي غار ۾ ويٺو. هن وقت فقير فقراءُ به اهڙو لباس ڍڪيندا آهن، جنهن کي ”ڪفني“ چئبو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]