مواد ڏانھن هلو

الفاظ ادويه

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هيءُ ڪتاب عبدالغفور همايوني صاحب، طب جي علم متعلق 1910ع ڌاري -تصنيف- ڪيو. طب جو علم ۽ شغل سنڌ ۾ آڳاٽي وقت کان وٺي عام مقبول رهيو آهي، جنهنڪري جڙي ٻوٽين، ڊڀن ۽ دوائن جا نالا پڻ سنڌيءَ ۾ آڳاٽي وقت کان وٺي رائج ٿيا آهن. 4 صدي هجري (10 عيسويءَ) ۾ عبدالوهاب فزاري ۽ 5 صدي هجريءَ (11 صدي عيسوي) ۾ ابو ريحان البيروني پنهنجن ڪتابن ۾ جڏهن جڙي ٻوٽين ۽ دوائن بابت لکيو ته ڪيترن ئي جڙي ٻوٽين ۽ دوائن جا سنڌي نالا پڻ ڏنائون. -ان- بعد وقت گذرڻ سان شايد سنڌ ۾ طبي علم ايترو اوج تي نه رهيو، جنهنڪري سنڌيءَ ۾ طبي نالا به ايترا اوج تي نه رهيا ۽ اڪثر عربي فارسي نالن کان ڪم ورتو ويو. هن پوئين ويجهي دور ۾ سنڌ جي طبيبن وري سنڌي لغات طرف توجهه ڪيو ۽ ”فرهنگ -جعفري-“ جهڙن ڪتابن ۾ جڙي ٻوٽين ۽ دوائن جا سنڌي نالا آندا ويا. همايوني صاحب جو ڪتاب ’الفاظ ادويہ‘ (دوائن جا نالا) انهيءَ ڪري اهم آهي، جو مصنف هيءُ ڪتاب لکيو ئي انهيءَ ڪري ته جيئن عربي ۽ فارسي نالن سان گڏ دوائن جا سنڌي نالا به معلوم ٿي سگهن. شروع ۾ ڄاڻايو اٿس ته ڪن مصنفن (طب جي) عربي، يوناني ۽ فارسي لغات کي هنديءَ (-اردو-) ۾ ترجمو ڪيو آهي، مگر سنڌو وارن کي -ان- مان ڪو فائدو ڪونه ٿو پهچي، جو اڄ تائين ڪنهن اها ڪوشش ڪانه ڪئي آهي جو فارسي، يوناني لغات کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو وڃي.[1]

حوالا

[سنواريو]