العيينه
العيينه
الْعُيَيْنة | |
---|---|
ڳوٽ | |
العيينه قصبي جو ارد گرد | |
ملڪ | ![]() |
منطقو | منطقہ الرياض |
محافظو | محافظه الدرعيه |
العُيّينه (عربي: الْعُيَيْنة) سعودي عرب جي مرڪزي علائقي ۾ هڪ ڳوٺ آهي، جيڪو سعودي عرب جي گاديءَ واري شهر رياض کان 30 ڪلوميٽر (19 ميل) اتر اولهه ۾ واقع آهي. العُيّينه محمد بن عبدالوهاب جي جنم ڀومي آهي. اڄ، العُيّينه هڪ ننڍڙو ڳوٺ آهي ۽ پنهنجي پاڙيسري الجبيله سان گڏجي العُيّينه ۽ الجبيله نالي جو ذيلي گورنريٽ ٺاهي ٿو، جنهن جي گڏيل آبادي 4,000 آهي. ذيلي گورنريٽ درعيه جي گورنريٽ جو حصو آهي، جيڪو بدلي ۾ رياض صوبي جو حصو آهي.
جڳھ
[سنواريو]العيينة وادي حنيفه جيڪا هڪ سڪل درياءَ جي تنگ تري جي اندر واقع آهي، جيڪا ڏکڻ طرف الدرعيه ۽ رياض شهر تائين پکڙيل آهي. جنهن علائقي ۾ العيينة واقع آهي، اهو مسيلمه ڪذاب (ڪوڙ ڳالهائيندڙ) جو وطن سڏيو ويندو آهي، جنهن سال 10 هجري مطابق 632 عيسوي ۾ پيغمبر محمد ﷺ جي وصال کان پوءِ نبي هجڻ جو ڪوڙو دعويٰ ڪيو هو ۽ يمامه جي جنگ ۾ مسلمانن جي خلاف پنهنجي قبيلي، بنو حنيفه جي اڳواڻي ڪئي هئي. يمامه جي جنگ، مسيلمه جي اڳواڻي ۾ هن جي پوئلڳن ۽ مسلم سپه سالار، حضرت خالد بن الوليد رضي الله عنه جي اڳواڻي ۾ مسلم فوج جي وچ ۾ ويجهو وڙهي وئي ۽ ان جنگ ۾ شهيد ٿيندڙ مسلمانن لاءِ هڪ قبرستان ڳوٺ جي ڀرسان واقع آهي.
ڪوڙي نبوت جو هي فتنو ڪچليو ويو ۽ فتح مسلمان فوج جي حصي ۾ آئي. مديني جي مسلمان ان جنگ سان غم ۽ خوشي، ٻئين سان گذريا. اها مطمئن هئا ته مسيلمه ڪذاب جي ڪري پيدا ٿيل انتشار ختم ٿي ويو، پر 700 شهيدن جي قيمت، جيڪي قرآن جا حافظ هئا، انهن لاءِ ڏکوئيندڙ هئي.[1]
نالي جي اصليت
[سنواريو]عيينه نالو، جيڪو لفظ "عينه" جي تصغیر آهي، جنهن جي معنيٰ آهي "پاڻيءَ جو چشمو"، اڳوڻي دور ۾ علائقي ۾ آبادين لاءِ استعمال نه ڪيو ويو هو. ان جي بدران، ابتدائي مسلم جاگرافيائي ذريعن، جهڙوڪ ياقوت الحموي، "عقربه، بوضه ۽ الحدر" جي شهرن جو ذڪر ڪيو آهي، الحدر، نبوت جي ڪوڙهو دعوو ڪندڙ، مسيلمه ڪذاب جو آباڻي ڳوٺ خيال ڪيو ويندو آهي. بهرحال، جاگرافيائي ذريعن علائقي ۾ "العينه" جي نالي سان هڪ چشمي جو ذڪر ڪن ٿا، جنهن تان شايد "العيينه" نالو نڪتو آهي.
تاريخ
[سنواريو]قابل ذڪر ماڻهو
[سنواريو]پڻ ڏسو
[سنواريو]- يمامه جي جنگ
- محمد بن عبدالوهاب
- حضرت خالد بن وليد رضي الله تعالي عنه
- نبي محمد ﷺ جي جنگي مهمن (غزوات) جي فهرست
حوالا
[سنواريو]- ↑ Yilmaz, Omer (2015). The Age of Bliss: Khalid ibn Al-Walid. Clifton, NJ: Tughra Books. p. 54. ISBN 978-1-59784-379-9.