مواد ڏانھن هلو

العمري مسجد (بصري)

العمري مسجد
الْمَسْجِد الْعُمَرِي (عربي)
سال 2004ع ۾ مسجد تباهي ۽ ٻيهر تعمير کان اڳ
بنيادي ڄاڻ
جاءِبصري، درعا گورنريٽ
مقانيت32°31′18″N 36°28′58″E / 32.52153°N 36.48275°E / 32.52153; 36.48275 (Al-Omari Mosque of Bosra)
مذهبي لاڳاپواسلام
ضلعوبصري
علائقودرعا گورنريٽ
ملڪ شام
ڪليسائي يا تنظيمي حيثيتمسجد (636)
فعالي حيثيتفعال
(بيهر تعمير)
تعميري ڄاڻ
اڏاوت جو قسماسلامي فن تعمير
اڏاوتي طرزاموي
بانيامير المومنين عمر رضي الله تعالي عنه
مڪمل ٿيو636 عيسوي
مناراهڪ، جيڪو تباهه ٿي ويو

العمري مسجد بصري (عربي: الْمَسْجِد الْعُمَرِي) شام جي رومن قديم شهر بصري ۾ هڪ مسجد آهي،[1] جيڪا عالمي ورثو ماڳ آهي. هي مسجد خليفي عمر رضي الله تعالي عنه پاران 636ع ۾ شام جي فتح کان پوء ٺاهي وئي هئي ۽ 721ع ۾ مڪمل ڪئي وئي هئي. مسجد جي مرمت 12هين ۽ 13هين صدي عيسوي ۾ ايوبي خاندان پاران ڪئي وئي.[1] شام جي گهرو ويڙهه دوران، 2012ع ۽ 2014ع جي وچ ۾، مسجد کي ٿورو نقصان پهتو هو. مسجد جي مرمت ڪئي وئي آهي ۽ هاڻي اها فعال آهي.[2]

تاريخ

[سنواريو]

هي مسجد دنيا جي قديم ترين مسجدن مان هڪ آهي. اها مسافرن لاءِ آرام ڪرڻ جي جاءِ طور ڪم ڪندي هئي. شام مان واپاري رستن تي عرب قافلا ۽ مڪي ڏانهن سفر ڪندڙ زائرين مسجد جي مرڪزي صحن کي بازار ۽ انهي سان گڏ سمهڻ جي جاءِ طور استعمال ڪندا هئا. اوڀر ۽ اولهه طرف مسجد جي آرڪيڊ هن مرڪزي صحن کي گهيرو ڪندا هئا. مسجد جي ڏکڻ پاسي هڪ ٻٽي آرڪيڊ هئي جيڪا مسجد جي نماز هال ڏانهن وٺي ويندي هئي.[3]

مسجد جو چورس مينار اموي طرز جي مينارن جي ابتدائي مثالن مان هڪ هو. دمشق ۽ حلب ۾ مسجدن ۾ ساڳئي خاندان جا ساڳيا انداز جا مينار آهن. مينار جو هي انداز ممڪن طور تي شام جي گرجا گهرن جي ڏاڪڻين (steeples) کان متاثر هو.[4]

بوصري کي نقصان 2012ع ۾ شروع ٿيو. ڇاڪاڻ ته شام ​​جي گهرو ويڙهه دوران گولن ۽ ٽينڪن نقصان پهچايو. 2014ع ۾، شيل ڪريٽر جي نقصان سبب مسجد جي ڇت ۾ سوراخ ٿي ويو.[5] مسجد مان ملبو تباهي واري جاءِ جي چوڌاري پکڙيل آهي. ۽ آس پاس جي علائقي ۾ شيل نقصان پڻ آهي.

گيلري

[سنواريو]

پڻ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 . n.d. {{cite web}}: Missing or empty |title= (مدد); Missing or empty |url= (مدد)
  2. Syria TV تلفزيون سوريا (جُونِ 12, 2018). المسجد العمري في بصرى الشام | مآذن الشام. آڪٽوبر 14, 2025 تي حاصل ڪيل YouTube وسيلي.
  3. "Jami' al-'Umari: Inauguration of the restored prayer hall" (photograph). ArchNet.org. جُونِ 30, 2016 تي حاصل ڪيل.
  4. "Minaret". World History Encyclopedia. جُونِ 30, 2016 تي حاصل ڪيل.
  5. "Ancient History, Modern Destruction: Assessing the Current Status of Syria's World Heritage Sites Using High-Resolution Satellite Imagery". aaas.org. سيپٽمبر 16, 2014. جُونِ 30, 2016 تي حاصل ڪيل.

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

وڪيميڊيا العام تي العمري مسجد (بصري) بابت زمرا