الستونيا
ڏيک
الستونيا | |
---|---|
![]() | |
الستونيا اسڪولارس، جگهه (مٿيان)؛ تفصيل (هيٺيان) | |
![]() | |
سائنسي درجا بندي | |
ڪنگڊم: | پلانٽائي |
(unranked): | اينجيوسپرمس |
(unranked): | يوڊيڪوٽس |
(unranked): | ايسٽيرڊس |
ترتيب: | جينٽياناليس |
خاندان: | ايپوسائيناسيا |
Tribe: | پلميريا |
Subtribe: | الستونينائي |
نسل: | الستونيا رابرٽ براون R.Br. |
قسم جنس | |
"الستونيا اسڪولارس" (L.) R.Br. | |
هم معنيٰ[1] | |
|
الستونيا (Alstonia Apocynaceae)، هندوستان ۾ "شيطان جي وڻ" جي نالي سان مشهور آهي، اپوسائناسيا خاندان جي سدابهار وڻن جو هڪ وسيع نسل آهي. اهو نالو رابرٽ براون سال 1811ع ۾ چارلس آلسٽن (1685-1760ع) جي نالي تي رکيو، جيڪو سال 1716ع کان 1760ع تائين ايڊنبرگ ۾ نباتاتيات جي پروفيسر هو.
هي هڪڙو وڏو ۽ سهڻو وڻ آهي، جو زنگي گل جي وڻ جهڙو ٿو ٿئي. پن چمڪندڙ ۽ گل ننڍا، اڇا ساوا ۽ هڪڙو فوٽ ڊگها ٿا ٿينس. تارن جهڙي شڪل اٿن. هي وڻ ٻج مان ٿيندو آهي. هن جي ڪاٺيءَ کي چيري، ٻارن لاءِ سليٽون ٺاهيندا آهن. شيطان هندستاني نالو اٿس. اهو نالو انهيءَ ڪري پيو اٿس، جو ڏيهي ماڻهو ڀرم کان سمجهندا آهن ته هن ۾ ڀوت رهي ٿو، تنهنڪري ويجهو نه ويندا اٿس. ڪونڪن ۾ گهڻو ٿئي ٿو. انگريزيءَ ۾ هن کي آلسٽونيا چون ٿا.[2]
گيلري
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ "World Checklist of Selected Plant Families". حاصل ڪيل May 21, 2014.
- ↑ ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو