الحنيف اخبار
ڏيک
سنڌي ٻوليءَ ۾ نڪرندڙ هڪ هفتيوار -اخبار-، جيڪا شڪارپور مان نڪرندي هئي. 1924ع ۾ ”-جمعيت- الاحناف“ جي سرپرستيءَ هيٺ -جاري- ٿي. -اخبار- جو -ايڊيٽر- ڪريم بخش -ٽانوري- ۽ سرپرست -پير حسن- جان سرهندي هو. هيءَ -اخبار- ”-الحنيف- پريس“ مان ڇپپي هئي. 1929ع ۾ هيءَ -اخبار- جيڪب -آباد- جي مولوي محمد حسين کهاوڙ، پريس سميت خريد ڪئي، جنهن کان پوءِ اها جيڪب -آباد- مان نڪرڻ لڳي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ الحنيف : (Sindhianaسنڌيانا), اصل نسخو مان 2016-04-09 تي محفوظ ڪيل, 2016-05-29 تي حاصل ڪيل