الحقيقت اخبار
الحقيقت- هفتيوار -اخبار- ميان غلام سرور ”فقير“ قادري 1922ع ۾ لاڙڪاڻي مان -جاري- ڪئي، هيءَ هڪ سياسي -اخبار- هئي، پر هن -اخبار- مسلمانن ۾ سياسي سجاڳي پيدا ڪرڻ سان گڏ، سنڌي ادب خاص طور سنڌي غزليه شاعريءَ کي -ترقي- وٺرائي. هن -اخبار- جي -جاري- ٿيڻ تي اديبن ۽ شاعرن کي تمام گهڻي خوشي ٿي. ڪن عالمن، اديبن ۽ شاعرن فارسي ۽ سنڌي زبان ۾ -ان- جي -جاري- ٿيڻ تي قطع تاريخون چيون. هيءَ -اخبار- هر ڇنڇر تي ”قادريه پريس“ لاڙڪاڻي مان ڇپجندي هئي. هن -اخبار- ۾ ’مراسلا‘، ’ملاحظات‘، ’رفتار زمانه‘ ۽ ’اوراق پارينه‘ مستقل ڪالم هوندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ”قلندري ڏنڊو“ ۽ ”فلمي دنيا“ وغيره عنوانن هيٺ به دلچسپ مواد شايع ٿيندو هو. -اخبار- جي پهرئين صفحي تي اهم خبرن سان گڏ گهڻو ڪري ڪنهن شاعر جو چونڊ ڪلام ڏنو ويندو هو. اندرين صفحن ۾ بزم مشاعره لاڙڪاڻي جي ڪارروائي ۽ شاعريءَ جو -انتخاب- ۽ ايندڙ مشاعري جي طرح ڏنل هوندي هئي. هن -اخبار- ۾ سياسي ۽ مقامي خبرن کان علاوه مشاعرن ۽ ادبي ڪانفرنسن جون ڪارروايون باقاعدگيءَ سان شايع ٿينديون رهنديون هيون، -ان- کان سواءِ وقت بوقت -ان- دؤر جي شاعرن جو ڪلام به شايع ٿيندو رهندو هو. مشهور شاعر فقير هدايت علي تارڪ جا غزل به اڪثر هن -اخبار- ۾ شايع ٿيندا هئا. نياز محمد شيخ پنهنجي هڪ مقالي ۾ ”-الحقيقت-“ -اخبار- بابت لکي ٿو ته: ”-اخبار- جو -ايڊيٽر- ميان غلام عباس ’جوش‘ هو، پر -اخبار- جي ڪم ۾ ميان غلام سرور سندس مددگار هوندو هو. ميان غلام سرور جي ڪلام جي رواني غضب جي هوندي هئي.[1]