الحزب الاعظم (ڪتاب)
ڏيک
هيءُ ڪتاب حضور نبي ڪريم صلي -الله- عليه وسلم -جن- جي دعائن ۽ دلائل الخيرات جو مجموعو آهي. جنهن جو سنڌي ترجمو علامه مفتي محمد رحيم سڪندري ڪيو آهي. هي ڪتاب ملا علي قاريءَ جو ترتيب ڏنل آهي. هن ڪتاب ۾ پير سائين پاڳاري شاهه مردان شاهه (ثانيءَ) جي دستخط سان دعائيه ڪلما، دعا جي حقيقت ۽ فضيلت تي لکيل ڊاڪٽر مسعود احمد جو مقدمو به شامل آهي. هن ڪتاب جو هي چوٿون ڇاپو 1431ھ/2010ع ۾ قاضي عبدالقدوس راڄڙ ڇپايو آهي. ڊيمي سائيز، چار رنگي ٽائيٽل ۽ پڪي جلد جي هن ڪتاب جي ڪا به قيمت نه رکي وئي آهي.[1]