الجماعت اخبار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌي ٻوليءَ ۾ نڪرندر هفتيوار -اخبار-، جيڪا پهرين -آڪٽوبر- 1938ع تي سيد صدرالدين شاهه بخاريءَ شڪارپور مان -جاري- ڪئي. هيءَ -اخبار- ڀرچونڊيءَ واري پير جي جماعت ”احياءُ -الاسلام-“ جي ترجمان هئي. -اخبار- شروع ۾ ”ديوي پرنٽنگ پريس“ ۽ پوءِ ”شڪارپور اليڪٽرڪ پريس“ مان ڇپبي هئي. 1947ع ۾ جڏهن پير آف ڀرچونڊيءَ جي تحريڪ سرد ٿي وئي، تڏهن شاهه صاحب هيءَ -اخبار- سيد سرور علي شاهه گيلانيءَ کي وڪرو ڪري ڏني، جنهن سال کن ته شڪارپور مان ئي ڪڍي، پر پوءِ -ان- کي ڪراچيءَ کڻي ويو ۽ اتان 1961ع تائين اردوءَ ۾ ڪڍندو رهيو. انهيءَ سال ئي سيد سرور شاهه جي وفات کان پوءِ هيءَ -اخبار- -بند- ٿي ويئي.[1]

حوالا[سنواريو]