التمش جو مقبرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سلطان شمس الدين التتمش جو مقبرو- قوت -الاسلام- مسجد جي ڀر ۾ دهليءَ ۾ آهي. ٻاهران سنگِ خارا ۽ اندر سنگِ سرخ ۽ ڪٿي ڪٿي سنگِ مرمر لڳل آهي. ديوارن تي خطِ ڪوفي ۾ قرآن پاڪ جون آيتون لکيل آهن. هن تي عاليشان گنبذ به تعمير ٿيل هو، جيڪو سار سنڀار نه ٿيڻ ڪري ڊهي ويو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]