مواد ڏانھن هلو

الاسلام (رسالو)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

”الاسلام“ سنڌي ماهوار رسالو، 1913ع ۾ ڪراچيءَ مان شايع ٿيڻ لڳو. هن رسالي کي محمد عبداللطيف ۽ مخدوم محمد صالح -ڀٽي- ترتيب ڏيئي، ڪراچيءَ جي محمديه پريس مان شايع ڪرائيندا هئا. هن رسالي ۾ سنڌ جا مشهور اديب ۽ شاعر مضمون لکندا هئا. ڪجهه سال گذرڻ کان پوءِ هيءُ رسالو -بند- ٿي ويو.[1]

هن نالي سان سلطان ڪوٽ (شڪارپور) مان ماهوار رسالو 1935ع ۾ -جاري- ٿيو. هن رسالي ۾ ديني مواد شايع ٿيندو هو. هي رسالو مولانا مفتي محمد صاحبداد ”ناصح“ ولد خميسي خان -جمالي- جي نگراني ۾، ۽ ”مسلم پرنٽنگ پريس“ هاٿي در شڪارپور مان ڇپبو هو. هي رسالو 32 کان 40 صفحن تي مشتمل، ڊيمي سائيز ۾ شايع ٿيندو هو. هي رسالو شڪارپور مان شايع ٿيندڙ رسالن ۾ وڏي اهميت رکندو هيو. هن رسالي ۾ ڪيترن ئي ديني مسئلن جو تذڪرو ۽ انهن جي موثر حل جو ذڪر ٿيندو هيو. هي رسالو 1938ع تائين شايع ٿيندو رهيو ۽ پوءِ -بند- ٿي ويو.[2]

حوالا

[سنواريو]