افورٽيري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

افورٽيري يا وڌيڪ پڪ (A-fortiori) سفارتڪاريءَ ۾ استعمال ٿيندڙ اصطلاح، جيڪو دليلن ۽ ثبوتن سان پاليسي جوڙيندڙ شخص يا اداري کي وڌيڪ پڪ ڏياري ۽ کيس حتمي قدم کڻڻ تي راضي ڪري. مثال طور جڏهن هڪ رياست ٻيءَ رياست جون فوجون اوچتو پنهنجي سرحدن ويجهو موڪليل ڏسي، مٿان ان چُرپربابت خطري وارا ثبوت بہ ملنس، ته پهرين رياست ٻيءَ رياست طرفان مٿانئس حملي جي امڪانن کي سگهارو سمجهندي. ساڳي طرح جيڪڏهن هڪ تجربيڪار سفارتڪار ڪنهن اهم مُلڪ ۾ ذميواريون ادا ڪرڻ جي لائق نہ هجي تہ سندس ننڍو ۽ تجربي کان وانجهيل ڀاءُ تہ کائنس وڌيڪ پڪ سان اهڙي ذميواريءَ لاءِ مناسب اميدوار نہ هوندو. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: بين الاقوامي تعلقات جي لغت؛ مرتب: انعام شيخ؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.