افروايشيا
ڏيک

افرو-ايشيا (Afro-Asia) هڪ اصطلاح آهي جيڪي آفريڪا ۽ ايشيا جي ميلاپ کي بيان ڪري ٿي، جڏهن ٻنهي کنڊن جو گڏيل ڏنو ويندو آهي. پهرين ڀيرا اها اصطلاح آفريڪي ۽ ايشيائي قومن جي وچ ۾ اتحاد کي بيان ڪرڻ لاءِ استعمال ڪئي وئي، جڏهن ٻنهي کنڊن جي قومون يورپي سامراجي نوآبادياتي نظام جي خلاف پنهنجي آزادي لاء ڪم ڪري رهيي هيون، پوء هي اصطلاح ٻنهي کنڊن جي گهٽ ترقي يافته ملڪن (Third World Countries) ۽ سرد جنگ دوران غير وابسته ملڪن (Non-Alighned Countries) لاء پڻ استعمال ٿيندي رهي. يورپ، آفريڪا ۽ ايشيا گڏجي افرو-يوريشيا جو جو ڌرتي جو هڪ گڏيل حصو ٺاهين ٿا.