اعلان ڪراچي
6 -جولاءِ- 1978ع کان 8 -جولاءِ- 1978ع تائين ڪراچيءَ ۾ پهرين غيرسرڪاري -ٽن- ڏينهن واري رابطه عالم اسلامي ڪانفرنس ٿي. هن ڪانفرنس ۾ -ايشيا- جا ٻه سؤ کان وڌيڪ ادارا شريڪ ٿيا، -جن- -ايشيا- جي 25 ملڪن جي نمائندگي ڪئي. عملي طور تي 190 تنظيمن شرڪت ڪئي ۽ مبصرن جي حيثيت ۾ آسٽريا، -اتر- آمريڪا، ڏکڻ آمريڪا، نيوزي لئنڊ ۽ فيجيءَ جا نمائندا پڻ شريڪ ٿيا. -ان- کانسواءِ رابطه عالم اسلاميءَ جي نمائندن به شرڪت ڪئي. هن ڪانفرنس جو مقصد مسلمانن ۾ -اتحاد- قائم ڪرڻ هو. ڪانفرنس جي آخري اجلاس ۾ رابطه عالم اسلاميءَ جي سيڪريٽري جنرل، شيخ محمد علي الحرڪان، پڌرنامو -جاري- ڪيو، جنهن کي ”اعلان ڪراچي“ جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو. پڌرنامي جا مکيه نُڪتا هي هئا: (1) -پاڪستان- ۾ اسلامي نظام نافذ ٿيڻ گهرجي ۽ قانون به اسلامي شريعت موجب هئڻ گهرجن. (2) سڀني مسلمان ادارن ۾ گڏيل تعلق ۽ تعاون لاءِ ڪوششون ڪرڻ کپن ته جيئن وحدت اسلاميءَ جو مقصد حاصل ٿي سگهي. (3) ڏکڻ -ايشيا- لاءِ هڪ اسلامي ڪائونسل بنائي وڃي، جنهن جو مرڪز ڪراچي هجي.[1]