اعجاز سمون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مشهور ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار -اعجاز- علي ولد فتح علي سمون 2 -آگسٽ- 1963ع تي خيرپور ميرس شهر ۾ پيدا ٿيو. پرائمريءَ کان انٽر سائنس تائين -تعليم- خيرپور ۾ پرائڻ بعد چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڊاڪٽريءَ جي ڊگري ورتائين. ڊاڪٽر -اعجاز- سمي لکڻ جي شروعات 1993ع کان ڪئي. پهريائين ڪهاڻيون لکيائين، جنهن بعد ڪجهه ڊراما به لکيائين، جيڪي ريڊيو -پاڪستان- خيرپور، سنڌ ٽي وي ۽ ڪي . ٽي . اين -تان- نشر ٿي چڪا آهن. ڪهاڻين کان علاوه هن سياسي ۽ سماجي مسئلن تي ڪالم به لکيا آهن، جيڪي مختلف سنڌي اخبارن ۾ وقت به وقت شايع ٿيندا رهيا آهن. هن ڪجهه عرصو روزاني ’خبرون‘ -اخبار- ۾ هفتيوار ڪالم ”سڪل -بڙ- جي ڇانوَ ۾“ عنوان سان لکيا، -جن- پڙهندڙن ۾ هڪ علحده حيثيت ٺاهي. سندس ڪهاڻين جا ٻه ڪـتـاب ”ڪـمـري ۾ لـڳـل -تصوير-“ (1998ع) (2) ”فائيل ۾ -بند- ٿيل هڪ ڇوڪري“ (2003ع) ۾ شايع ٿيل آهن. هن وقت تائين هن ڪيترائي اوارڊ، سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيا آهن، -جن- ۾ سنڌي ادبي سنگت خيرپور اوارڊ، ٽـيـلـينٽ فورم خيرپور اوارڊ، 1998ع ۾ قابل ذڪر آهن. هيءُ هن وقت سول اسپتال خيرپور ۾ ڊاڪٽر آهي.[1]

حوالا[سنواريو]