مواد ڏانھن هلو

اظھر سولنگي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ناي واري اديب اظهر سولنگيءَ جو اصل نالو محمد عرس ولد محمد عمر سولنگي آهي. هن 13 -جنوري- 1942ع تي ڳوٺ ميوي خان، تعلقي ۽ ضلعي دادوءَ ۾ -جنم- ورتو. شروعاتي -تعليم- پنهنجي ڳوٺ مان ۽ ثانوي -تعليم- دادوءَ مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ پرمانند هرداس مل سيڪنڊري اسڪول دادوءَ مان ۽ انٽر ۽ بي.اي ڊگري ڪاليج دادوءَ مان پرائيويٽ پاس ڪيائين. بعد ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ”مسلم هسٽريءَ“ ۾ ماسٽرس ڪيائين. عملي زندگيءَ ۾ استادي پيشي سان وابسته رهيو، جتان 1993ع ۾ رٽائرڊ ڪيائين. 1967ع ڌاري علم ادب جي دنيا ۾ پير پاتائين ۽ ڪيترائي علمي ۽ تحقيقي مضمون، مقالا ۽ شعر مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپائيندو رهيو. سندس مضمونن، مقالن ۽ ڪالمن جو تعداد 250 کان مٿي آهي. انهيءَ مان گهڻا شايع ٿيل آهن ۽ باقي ڪجهه اڻڇپيل آهن. -اظهر سولنگي- جو ڪيترين ئي ادبي ۽ سماجي تنظيمن سان واسطو آهي. هي سنڌ ويلفيئر اينڊ ڪلچرل آرگنائيزيشن (سواڪا) دادو جو باني ۽ صدر به رهيو. هن کي ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن. -ان- کان سواءِ سگا، سنڌي ادبي سنگت ۽ ٻين تنظيمن سان لاڳاپيل آهي. اظهر سولنگيءَ دادوءَ جي ماضي ۽ حال جي سموري منظر نامي کي تفصيل سان -تحقيق- ڪري هڪ ڪتاب ترتيب ڏنو، جنهن جو نالو ”دادو تعلقي جو ماضي ۽ حال“ آهي. اهو ڪتاب سرجڻهار پبليڪيشن، دادوءَ پاران 2006ع ۾ ڇپايو ويو. محمد عرس ”-اظهر سولنگي-“ هن وقت دادوءَ ۾ رهائش پذير آهي ۽ علم ادب جي خدمت ۾ مصروف آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]