مواد ڏانھن هلو

اظهار جي آزادي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

راءِ جي آزادي (Freedom of opinion) مان مراد پنھنجي خيالن کي آزاديءَ سان دنيا آڏو پيش ڪرڻ آھي.

راءِ جي آزاديءَ جا ڪيترائي ذريعا آهن. جيئن تقرير، ووٽ ڏيڻ، صحافت، انٽرويو، گڏيل يا اڪيلو احتجاج ۽ ادب وغيره. انهن سڀني ۾ سڀ کان وڌيڪ اثرائتو اظھار ادب ۾ آهي. ڇو جو ادب همعصر حالتن جو امين هوندو آهي. هر ملڪ جو قانون، پنھنجي رهواسين کي آزاديءَ جي اظھار راءِ جي اجازت ڏئي ٿو. پر اها ٻي ڳالهہ آهي تہ اڪثر شخصي حڪومتن ۾ ان قانون تي عمل نہ ٿيندو آهي.[1]

تاريخ تي نظر وجهجي ٿي ته ڄاڻ ملي ٿي ته قھري حڪمران قوتن ڪيترائي ڀيرا وقت جي بادشاهن سچ لکڻ وارن جا هٿ ڪپرائي ڇڏيا، انهن کي مارايو ويو، بندشون وڌيون ويون ۽ جلاوطن ڪيو ويو. انساني تاريخ اهڙن ڪيترن ئي ماڻهن جي رت سان رڱيل آهي جن جو ڏوھ رڳو اهو هيو تہ هنن سچ ۽ سچائي کي عوام اڳيان آڻڻ پئي گهريو. نہ رڳو لکندڙن سان عقوبتون ٿيون، بلڪ لکتون پڻ تباھ ڪيون ويون.

انساني تاريخ ۾ وڏي پيماني تي لکتن کي تباھ ڪرڻ جي ڄاڻ تاريخ مان ملي ٿي.

جڏهن 206 ق. م ۾ ”چن“ خاندان جي شھنشاھ“ شي هوانگ ٽي“ حڪم ڏنو تہ ”چن خاندان“ جي دستاويزن ۽ لکيتن کان سواءِ ٻيون سڀ لکيتون ساڙيون وڃن تہ جيئن تاريخ جي شروعات رڳو ”چن“ خاندان سان ٿئي. ان کان سواءِ ”جوليس سيزر“ جڏهن 47 قبل مسيح ۾ مصر تي حملو ڪري ”اسڪندريہ“ تي قبصو ڪيو تہ اتان جي مشھور ڪتبخاني کي ساڙائي ڇڏيو. ”هالي ووڊ“ جي مشھور فلم ”ڪلوپيٽرا“ ۾ پڻ ”جوليس سيزر“ جي حڪم تي انهيءَ ڪتب خاني کي سڙندي ڏيکاريو ويو آهي. ان کان سواءِ بغداد تي حملي ۾ ”هلاڪو خان“ طرفان لکين ڪتاب، دجلہ درياھ ۾ اڇلايا ويا، جن جي مس سبب درياھ جي پاڻي جو رنگ ڪارو ٿي ويو ۽ ٻيا ڪيترائي مثال موجود آهن.

ڪتابن، اخبارن، ٻين لکيتن تي بندشون وجهڻ، ليکڪن دانشورن ۽ صحافين خلاف ڏاڍ ڪرڻ ۽ جيلن ۾ وجهڻ ۽ انهن جي زبان بندي ڪرڻ لاءِ هر دور ۾ ڪڏهن مذهب، ڪڏهن اخلاق ۽ ڪڏهن سياست کي بنياد بنايو ويو آهي ۽ انهن مٿان فحاشي، ڪفر، سازش، ملڪ دشمني ۽ قوم دشمني يا غداري وغيره جھڙا الزام پئي لڳايا ويا آهن پر اها هڪ حقيقت آهي تہ جن بہ انسانن کي سندن لکڻين سبب صليبن تي چاڙهيو ويو، جيئرو ساڙيو ويو، ڦاهين تي لڙڪايو ويو، جلا وطن ڪيو ويو ۽ قيد ڪري ٽارچر جو نشانو بڻايو ويو. پنھنجي موت کان پوءِ اهي انسان دنيا ۾ عزت ۽ احترام سان ڏٺا وڃن ٿا ۽ اهي ڪتاب ۽ لکتون جيڪي بندشن ۽ پابندين جو شڪار ٿيون، اڄ جي دور ۾ اهي ڪلاسڪ جو درجو رکن ٿيون.

سنڌ ۾ زوال پذير جاگيرداري جيڪا پنھنجي جوهر ۾ رجعت پرست، فاشسٽ ۽ مدي خارج آهي. سنڌ جي آواز، سنڌي پرنٽ ميڊيا کي ڌمڪي، ڏاڍ ۽ ڏنڊي جي زور تي ماٺ ڪرائڻ گهري ٿي. سنڌي صحافين خلاف تشدد ڪيو وڃي ٿو، اخبارن کي ساڙيو وڃي ٿو، بندوق جي نالي تي حڪم ڏنو ٿو وڃي ته فلاڻي خبر هلڻ گهرجي، فلاڻي خبر نه هلڻ گهرجي.

تشدد جي ان رجحان سان صحافت جي آزادي جيڪا اصل ۾ راءِ جي اظھار جي آزادي آهي ان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ڇاڪاڻ تہ تاريخ جي هر دؤر ۾ اهڙيون قوتون ۽ ٽولا موجود رهيا آهن جن راءِ جي اظھار ۽ ابلاغ جي سمورن وسيلن ۽ ذريعن کي پنھنجي ڪنٽرول ۽ هٿ ۾ رکڻ پئي گهريو تہ جيئن پنھنجي حڪمراني ۽ ڦرلٽ کي قائم رکڻ ۽ غلط ڳالهين کي درست ڪري پيش ڪرڻ ۽ ناجائز عملن کي جائز ڪري پيش ڪرڻ لاءِ محڪوم ۽ مظلوم جنتا کي غلط ۽ اڌوري ڄاڻ ۽ معلومات ڏني وڃي. پر انهن کان اها ڳالهہ شايد وسري وئي آهي تہ ”توهان پنھنجي تلوار سان دانشورن، ليکڪن، مصنفن ۽ صحافين کي قتل تہ ڪري سگهو ٿا، پر انهن جي فڪر ۽ تحرير جي قوت جو رستو نٿا روکي سگهو.“[2][3]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.
  2. سياست، سماج ۽ آزادي (خالد چانڊيو) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, archived from the original on 2017-09-12, retrieved 2016-12-28 {{citation}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (help)
  3. روزاني عوامي آواز 22 آڪٽوبر 1997ع