اصغر سنڌي
ڏيک
نامياري ليکڪ ۽ قومي ڪارڪن اصغر سنڌيءَ جو اصل نالو غلام اصغر ولد محمد -آچر- ’مجاهد‘ عباسي آهي. سندس -جنم- 05 -آگسٽ- 1963ع تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو، سندس والد پڻ پنهنجي دور جو هڪ ڪهنه مشق شاعر ٿي گذريو آهي. اصغر سنڌيءَ لکڻ جي شروعات 1980ع کان ڪئي. هن نثر ۾ گهڻو لکيو آهي، سنڌ ڌرتي ۽ قوم پرستي سندس -تخليق- جا اهم موضوع آهن. هن وقت تائين سندس چار ڪتاب 1. ’سنڌ جو سياسي سرطان‘، ’توکان هڪڙي ڳالهه پڇان‘، ’سنڌ نامو‘ ۽ ’قومي تحريڪ جو منشور‘ پڌرا ٿي چڪا آهن. اصغر سنڌيءَ ڪجهه شاعري پڻ ڪئي، نوجوان شاعر عادل عباسي سندس -ڀاءُ-، نوجوان ليکڪ راجا ڏاهر عباسي ۽ نوجوان صحافي سرمد عباسي سندس فرزند آهن. -اصغر سنڌي- پاپوليشن ويلفيئر ڊپارٽمينٽ ۾ آفيسر آهي ۽ اڄڪلهه لاڙڪاڻي ۾ رهي ٿو.[1]