مواد ڏانھن هلو

اصطلاحن جي اصليت (ڪتاب)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اصطلاحن جي اصليت سنڌي جي لائق صد احترام اهل قلم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جو هي ڪتاب، پنهنجي نوعيت جو پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ هر هڪ اصطلاح جي اصليت آندل آهي. ڪنڌ ۾ ڪلي هئڻ، ماڙ تي مينهن وسڻ، کوڙيءَ کي گهمرو هئڻ، تري پٽڻ، شهه ڏيڻ، ڍنڍين پِٽجڻ، مُرلي بند ڪرڻ ۽ ٻين ڪيترن اصطلاحن جي نه رڳو اصليت ڏيکاريل آهي پر اصطلاحن ۾ جيڪي انوکا الفاظ آيل آهن. تن کي به سندن ٻوليءَ مطابق کوليو ويو آهي. اصطلاحن کي جملي ۾ آڻڻ لاءِ، سنڌ جي مشهور شاعرن: شاهه ڪريم، شاهه ڀٽائي، سچل، سامي ۽ بيدل وغيره جا بيت ڏنل آهن. مطلبن ته ڪتاب ادبي سوکڙي آهي، جا هر هڪ صاحب ذوق جي لائبريريءَ ۾ هئڻ لازمي آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. تبصرا: قاضي خادم ؛مھراڻ رسالو؛ جلد 36؛ 1987ع سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو