اشلوڪ

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

هي لفظ سناتن ڌرم (هندو ڌرم) جي اوائلي ڌرمي پستڪن، ويدن وغيره جي آيتن/ سٽن ۽ ڪوتا جي تُڪن طور ڪم آيو آهي. ويدن ۾ گهڻو ڪري ديوتائن جي ساراهه جا گيت ۽ ڌرمي ڪريا ڪرمن جي -تشريح- آهي. ويدن ۾ شامل اشلوڪن جو ڪو خاص -بحر- وزن نه هو، پر ننڍا وڏا منظوم جملا هئا، -جن- ۾ -بيت- يا دوهي سان مشابهت رکندڙ سٽون ضرور هيون. رگ ويد: اٽڪل ساڍا ٽي هزار سال اڳ جي لکيل ڌرمي ڪتاب ”رگ ويد“ ۾ سنڌوءَ بابت هيٺيان -اشلوڪ- آندل آهن، -جن- مان ويدڪ ٻوليءَ جي مزاج ۽ مضمون جي گهاڙيٽي مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، انهن ۾ آيل -اشلوڪ- هروڀرو ٻن سٽن جا نه، پر گهٽ وڌ سٽن وارا هئا، معنيٰ ته اشلوڪن ۾ مضمونن جي ادائگيءَ لاءِ ڪي مقرر سٽون نه هيون. مثال طور:

”سنڌ!
گهوڙن ۾ شاهوڪار، رَٿن ۾ شاهوڪار،
ڪپڙن ۾ شاهوڪار، سهڻن ڳهڻن ۾ شاهوڪار،
کاڌي پيتي ۾ شاهوڪار ۽ سدا تازيءَ اُن ۾ شاهوڪار آهي
ڀاڳوند سنڌوءَ جا ماکي ڏيندڙ ڪنارا آهن گلن سان سينگاريل.“
ساڳئي منڊل ۾ هڪ رشي چوي ٿو ته،
”اي سنڌو! جڏهن تون ميدان مان وهين ٿي
ته بيشمار کاڌو پاڻ سان آڻين ٿي. تنهنجو -پاڻي- اُتم آهي.
اي سنڌو! تنهنجي سونهن پڻ نؤورني ڪنوار وانگر آهي.
تون سدائين جواڻ ۽ سهڻي آهين!“
”اي سنڌو! پهرين تون ترشتما سان، پوءِ سُسرتو، رسا ۽ سويتي (سوات نديءَ) سان وهين ٿي.
تون ڪڀا (ڪابُل)، گومي (گومل) ۽ ميهتنو (Mehtnu) سان به گڏجي وهين ٿي.“
ايترين ندين جي گڏجڻ سان سنڌونديءَ جي اوج جو بيان ڪندي رشي چوي ٿو ته:
”سنڌوءَ جي گڙگاٽ، ڌرتيءَ -تان- اُٿي ٿي، اُها -آسمان- ڀريو ڇڏي!
سنڌو نهايت زور سان وهي ٿي ۽ مُنهن مڻيادار اٿس (نهايت سهڻي آهي)، سندس پاڻيءَ جي آواز مان، ائين پيو ڀائنجي،
ڄڻ مينهن جون اوڙڪون گجگوڙ ڪري پيون وسن.
اِجها سنڌو، ڍڳيءَ وانگر رنڀندي پئي اچي....
اي سنڌو! جيئن سوئا گايون، کير ڀريل اوهن سان پنهنجن ڦرن ڏي ڊوڙن ٿيون،
تيئن ٻيون نديون، جدا جدا هنڌن مان -پاڻي- کڻي -توڏي- رنڀنديون اچن!“
رشي، جنهن مهل سنڌوءَ جي ڀرتي ڪندڙ ندين کي سنڌوءَ ڏانهن وهندي ڏٺو، تنهن مهل چيائين:
”اي سنڌو! جيئن ڪو راجا يُڌ ڪرڻ نڪرندو آهي ۽ پٺيان لشڪر هوندو اٿس،
تيئن تون به (شاهاڻي شوڪت سان) ندين جي اڳيان مهندار ٿي هلين ٿي
۽ ٻيون نديون به پلٽڻون ڪري، تنهنجي پٺيان ائين هلن ٿيون،
ڄڻ ته ساڳئي رَٿ ۾ سوار آهيو.“

هڪ هنڌ وري چيائين:

سنڌو! اجيت آهي، سا سڌي وهي ٿي. سندس ورڻ يا رنگ اڇو آهي.
سنڌو وڏي نديءَ جي پاڻيءَ ۾ تِک گهڻي آهي،
۽ چئني پاسي ٻوڙان ٻوڙ ڪري ٿي. جيڪي به متحرڪ يا چرندڙ شيون آهن، سي اهڙيون تيز رفتار نه آهن، جهڙي سنڌو آهي!“

رگ ويد جي ساڳئي ڏهين منڊل ۾ چيل آهي: ”اي سنڌو! ورڻ ديوتا تنهنجي وهڻ لاءِ گهڻيون واٽون ٺاهيون آهن.“

ٻُڌ ڌرم: آرين جي برهمڻي دؤر ۾ ئي ٻُڌ ڌرم وجود ورتو. هن ڌرم پنهنجي تبليغ لاءِ شروع ۾ ئي سنسڪرت بدران عام ماڻهن جي رائج ٻوليءَ يعني پراڪرت کي استعمال ڪيو. ويدن کي مڃيندڙ ماڻهو سنسڪرت جو استعمال نه رڳو ڌرمي رسمن لاءِ، پر مذهبي خيالن جي اظهار لاءِ به ڪندا هُئا. ڌرم جي تبليغ جو وسيلو ’دوها‘ ۽ ’ڇند‘ هوندا هئا، -جن- جا وزن مقامي ٻوليءَ جي پيداوار هئا. ٻڌ ڌرم سان گڏ ’جين ڌرم‘ به هن خطي جو ڌرم رهيو آهي. چندر گپت جي عهد کان پوءِ هندستان ۾ -ٻڌ- ڌرم جو بنياد ڪمزور ٿي چُڪو هو، پر جين مت نه رڳو -اتر- هندستان ۾، بلڪ ڏکڻ هند ۾ به مقبول رهيو. جين مت وارن به پنهنجي لاءِ سنسڪرت بدران عام رائج ٻوليءَ کي استعمال ڪيو. ستين صديءَ عيسويءَ کان ٻارهينءَ صديءَ تائين جيڪو ادب ملي ٿو، -ان- جو گهڻو حصو جين مت سان تعلق رکي ٿو. جين مت، اهنسا ۽ عدم تشدد جي -تعليم- ڏئي ٿو. جيني ساڌن ۽ پنڊتن -ان- مقصد جي پرچار لاءِ عام ٻوليءَ ۾ ڪهاڻيون لکيون، جيڪي ”راس“ چوائينديون آهن. ڪن وڏن شاعرن ’رام‘، ’ڪرشن‘، ’مهاوير‘ ۽ ٻين ڪامل انسانن تي ڪوِتائون لکيون. ڪن ڪوِتائن ۾ پارسا عورتن جي پاڪدامنيءَ کي به ساراهيو ويو. هڪ جيني شاعر ”سويمڀو“ (جنم 790ع) رام ڪهاڻي لکي. ’سويمڀو‘ شاعر، انهيءَ ڪٿا ۾، بيتن جون جيڪي ماترائون استعمال ڪيون آهن، اڳتي هلي انهن ۾ ئي تلسيداس، 16 صدي عيسويءَ ۾ ”رام چرتر“ جو وڏو حصو لکيو. جين مت جي ادب (شاعريءَ) ۾ زياده ڪوِتائون ملن ٿيون. -ٻڌمت- جي شاعرن، گيت ۽ نظم لکيا. ڏهين ۽ يارهينءَ صديءَ عيسويءَ ۾، -ٻڌ- ڌرم جا بچيل ساڌو پاڻ کي ”سِڌ“ چوائيندا هئا. انهن سڌن پنهنجن خيالن جي اظهار لاءِ روزمره جي -ٻولي- ڪم آندي. ”سِڌن“ سان گڏ ”ناٿ پنٿ“ جو سلسلو، سندن نائين نمبر ناٿ، گورکناٿ تي ختم ٿيو. گورک ناٿ، پنهنجي خيالن سان سڄي مُلڪ کي متاثر ڪيو هو. سندس گهڻو ڪلام اڄ به دستياب آهي. گورکناٿ جون ٻارهين صدي عيسويءَ جون اُهي آکاڻيون، ٻوليءَ جي لحاظ سان حيرت ۾ وجهندڙ آهن. گورکناٿ جي نسبت سان سنڌ ۾ گورک -جبل- موجود آهي ۽ ڀٽائيءَ به ”گورکناٿ“ کي ڳايو آهي. ”ناٿ“ ويدن ۽ برهمڻن ٻنهي کي مقدس مڃين ٿا. انهيءَ اختلاف جي باوجود سِڌن ۽ ناٿن ۾ ڪي ڳالهيون هڪجهڙيون به آهن. ٻئي پنهنجي مُرشد (گرو) کي پُوڄا لائق سمجهن ٿا. سِڌن پنهنجي گيتن ۾ ذات پات، اوچ نيچ تي گهري نظر ڪئي آهي. -بت- پرستي، رسم رواج ۽ دقيانوسي خيالن جي سخت نندا ڪئي آهي. لفظ ’اشلوڪ‘، ’شلوڪ‘ مان تبديل ٿيندو ’سلوڪ‘ ٿي ويو. سنڌ جي ويدانتي شاعرن روحل فقير ۽ ساميءَ سلوڪ چيا آهن. ’ساميءَ جا سلوڪ‘ رسالي جي صورت ۾ ڇپيا آهن ۽ ڪيترن محققن انهن کي ايڊٽ ڪري ڪتابي صورت ڏني آهي. ’سلوڪ‘ -بيت- وانگر، ٻن ۽ ٻن کان وڌيڪ سٽن جا ٿين ٿا. (ڏسو: ساميءَ جا سلوڪ) اَشُورِي: وچ -ايشيا- جي هڪ ٻولي، جيڪا سامي سٿ جي هڪ شاخ هئي. هيءَ -ٻولي- ميخي خط ۾ لکي ويندي هئي. اوڻيهين صديءَ ۾ ماهرن هن لکت کي پڙهيو. هيءَ -ٻولي- گهڻو ڪري مٽيءَ (ٺِڪر) جي سِرُن تي لکيل ملي آهي، جيڪي ”نينوا“ جي ڀِڙَن مان مليون آهن. اهي تختيون 1000 سال ق. م کان 5000 سال ق. م جي درميان لکيون ويون. هنن تختين مان قديم اشوريءَ قوم جي -تاريخ- ۽ تمدن بابت دلچسپ معلومات ملي آهي.[1]


حوالا[سنواريو]