مواد ڏانھن هلو

اشرف علي ٻرڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

استاد اشرف علي ولد احمد علي ٻرڙو 20 -آگسٽ- 1945ع تي قنبر شهر ۾ ڄائو. ابتدائي -تعليم- 1956ع ۾ مين پرائمري اسڪول قنبر مان؛ 1962ع ۾ مئٽرڪ، ميونسپل هاءِ اسڪول قنبر مان، 1975ع ۾ انٽر، گورنمينٽ شاهه لطيف آرٽس ڪاليج قنبر مان، 1978ع ۾ بيچلر آف آرٽ (بي.اي) ۽ 1984ع ۾ ماسٽر آف آرٽس (ايم.اي) گورنمينٽ ڊگري ڪاليج رتيديري مان پاس ڪيائين. -ان- کانسواءِ ميونسپل اسڪول قنبر مان 67- 1966ع ۾ ميوزڪ اينڊ سانگس (ڪلاسـيـڪ)۾ پهرين پوزيشن ۽ اعظم طبيبيه ڪاليج حيدرآباد مان فاضل طب و الجراحت جو امتحان 1990ع ۾ پاس ڪري حڪمت جي سند حاصل ڪيائين. هو موسيقيءَ ۽ راڳ ۾ وڏو ماهر هو. -استاد- اشرف عليءَ موسيقي ۽ راڳ جي بنيادي سکيا پنهنجي والد -استاد- -احمد علي خان- -ٻرڙي- کان حاصل ڪئي، جڏهن ته سندس -استاد- ماسٽر حضور بخش خان هو، جيڪو خان صاحب -امير- خان پٽيالا جي گهراڻي جو شاگرد هو. -استاد- اشرف علي هارمونيم، -جلترنگ-، سر منڊل، پياني، سائيڊ ڊرم، بينجي، نغاري کانسواءِ ڪيترائي ساز بهترين انداز سان وڄائيندو هو. هن 10 ورهيه حيدرآباد ريڊيو -اسٽيشن- -تان- ۽ 8 ورهيه خيرپور -اسٽيشن- تي پنهنجا فرض سرانجام ڏنا ۽ پنهنجو آواز عوام تائين رسايو. سندس ڪيترائي ڪلام سڌيءَ ريت نشر ڪيا ويا، هاڻي به ڪڏهن ڪڏهن سندن ڪلام نشر ڪيا وڃن ٿا. سندس اڪثر ڪلام پنهنجي وڏي -ڀاءُ- -استاد- محرم علي -ٻرڙي- سان ڳايل آهن، جيڪو به موسيقيءَ ۽ راڳ جو وڏو ڄاڻو آهي. موسيقيءَ ۽ راڳ ۾ سندس ڪيترائي شاگرد آهن.[1]

حوالا

[سنواريو]