مواد ڏانھن هلو

اشرف العلوم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اشرف العلوم: ”مثنويءَ مولانا روميءَ“ جو سنڌي ترجمو. هي ترجمو مولانا دين محمد ’اديب‘ فيروزشاهيءَ پنجن جلدن ۾ ڪيو آهي. هر هڪ جلد جو تفصيل هيٺينءَ ريت آهي:

  • جلد-1: هيءُ جلد 204 صفحن تي مشتمل آهي. آر. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس، حيدرآباد پاران ڇپيو. ڪتاب رايل سائيز ۾ آهي ۽ -ان- جي قيمت 3 رپيا آهي. پهريون ڇاپو، 1951ع ۾ ڇپيو، ٻيو ڇاپو 1960ع ۾ ڇپيو ۽ -ان- ڇاپي ۾ 253 صفحا آهن.
  • جلد-2: هيءُ جلد 181ع صفحن تي مشتمل آهي. آر. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس، حيدرآباد پاران ڇپيو. ڪتاب جو جلد ڪچو ۽ قيمت 3 رپيا آهي. ڪتاب جو پهريون ڇاپو، 1951ع ۾ رباني پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان شايع ٿيو.
  • جلد-3: هيءُ جلد 249 صفحن تي مشتمل آهي. آر. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس، حيدرآباد پاران ڇپيو. رايل سائيز ۾، ڪچي جلد سان ڪتاب جي قيمت 3 رپيا آهي. پهريون ڇاپو، 1953ع ۾ ڇپيو.
  • جلد-4: هيءُ جلد 275 صفحن تي مشتمل آهي. آر. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس، حيدرآباد پاران ڇپيو. رايل سائيز ۾، ڪچي جلد سان ڪتاب جي قيمت ساڍا ٽي رپيا آهن. پهريون ڇاپو، 1955ع ۾ ڇپيو.
  • جلد-5: هيءُ جلد 326 صفحن تي آهي. ڪتاب رايل سائيز ۾، ڪچي جلد سان آهي ۽ قيمت ساڍا ٽي رپيا اٿس. آر. ايڇ. احمد ائنڊ برادرس، حيدرآباد پاران هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، 1956ع ۾ ڇپيو.[1]

حوالا

[سنواريو]