مواد ڏانھن هلو

اسڪينڊيئم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اسڪينڊيئم

21Sc
Scandium
حالت (STP تي)سالڊ
ايٽمي انگ (Z)21
ايٽمي وزن (A)44.96
گروپ3
سيريز4
بلاڪd-block
اليڪٽران جي ترتيبAr + 3d1 4s2
اليڪٽران في شيل2, 8, 9, 2
ايٽمي ريڊيس162 پيڪو ميٽر
آئيونائزيشن انرجي (ڪلو جول في مول)پهرين: 633.1
ٻئي: 1235.0
ٽئي: 2388.6
آڪسائيڊيشن نمبرعام: +3,+1,+2 ۽ 0
گھاٽائي (20°C تي)2.989 گرام في ڪعبي سينٽي ميٽر
وجودشروع کان (primordial)
حڪومت
طبيعي خاصيتون
• اُبلڻ جو نقطو3109°K ​(2836°C)
• پگھلڻ جو نقطو(1814°K)(1541°C)
• پگھرائڻ لاء حرارت14.1 ڪلو جول في مول
• ٻاڦ جي حرارت332.7 ڪلو جول في مول
• مولر گرميء گنجائش25.52 جول في مول.ڪيلون

اسڪينڊيئم (Scandium) هڪ ڪيميائي تت آهي؛ ان جو نشان Sc ۽ ايٽمي نمبر 21 آهي. اهو هڪ اڇو، چاندي جهڙي چمڪ وارو ڊي-بلاڪ جو ڌاتو عنصر آهي. تاريخي طور تي، هن کي يٽريئم (Yttrium) ۽ بئين لنٿانائيڊ سان گڏ، هڪ نادر زميني عنصر جي طور تي درجه بندي ڪيو ويو آهي.[1] اها سال 1879ع ۾ اسڪنيڊينيويا جي يوڪسينائٽ ۽ گڊولينائٽ ڪچڌاتن جي اسپيڪٽرل تجزيي ذريعي دريافت ڪيو ويو.[2]

اسڪينڊيم يورينيم ۽ ناياب ڌاتن جي مرڪبن جي اڪثر ذخيرن ۾ موجود آهي، پر اهو دنيا جي صرف ڪجهه کاڻن ۾ انهن مان ڪڍيو ويندو آهي. گهٽ دستيابي ۽ هن جي ڌات جي تياري ۾ مشڪلاتن جي ڪري (جيڪا پهريون ڀيرو 1937ع ۾ ڪيو ويو)، اسڪينڊيم جا استعمال 1970ع جي ڏهاڪي تائين ترقي نه ڪيا، جيستائين اسڪينڊيم جا ايلومينيم جي مصرن تي مثبت اثر دريافت ٿيا. اهڙي مصرن ۾ ان جو استعمال ان جو واحد وڏو استعمال رهي ٿو. اسڪينڊيم آڪسائيڊ جو عالمي واپار هر سال 15 کان 20 ٽن تائين آهي.[3]

اسڪينڊيم جي مرڪبن جون خاصيتون ايلومينيم ۽ يٽريم جي وچ ۾ وچولي آهن. ميگنيشيم ۽ اسڪينڊيئم جي وچ ۾ هڪ ترچھو تعلق (diagonal relation) موجود آهي، جهڙوڪ بيريليم ۽ ايلومينيم جي وچ ۾ آهي. گروپ 3 ۾ عنصرن جي ڪيميائي مرڪبن ۾، غالب آڪسيڊيشن حالت +3 آهي.

حوالا

[سنواريو]
  1. "IUPAC Recommendations, Nomenclature of Inorganic Chemistry" (PDF). اصل نسخو (PDF) مان 2008-05-27 تي محفوظ ڪيل.
  2. Samson, Iain M.; Chassé, Mathieu (2016), "Scandium", ۾ White, William M. (مرتب), Encyclopedia of Geochemistry: A Comprehensive Reference Source on the Chemistry of the Earth (انگريزي ۾), Cham: Springer International Publishing, ص. 1–5, doi:10.1007/978-3-319-39193-9_281-1, ISBN 978-3-319-39193-9
  3. "Mineral Commodity Summaries 2020" (PDF). US Geological Survey Mineral Commodities Summary 2020. US Geological Survey. 10 February 2020 تي حاصل ڪيل.