اسڪينڊيئم

اسڪينڊيئم
21Sc | |
---|---|
Scandium | |
![]() | |
حالت (STP تي) | سالڊ |
ايٽمي انگ (Z) | 21 |
ايٽمي وزن (A) | 44.96 |
گروپ | 3 |
سيريز | 4 |
بلاڪ | d-block |
اليڪٽران جي ترتيب | Ar + 3d1 4s2 |
اليڪٽران في شيل | 2, 8, 9, 2 |
ايٽمي ريڊيس | 162 پيڪو ميٽر |
آئيونائزيشن انرجي (ڪلو جول في مول) | پهرين: 633.1 ٻئي: 1235.0 ٽئي: 2388.6 |
آڪسائيڊيشن نمبر | عام: +3,+1,+2 ۽ 0 |
گھاٽائي (20°C تي) | 2.989 گرام في ڪعبي سينٽي ميٽر |
وجود | شروع کان (primordial) |
Government طبيعي خاصيتون | |
• اُبلڻ جو نقطو | 3109°K (2836°C) |
• پگھلڻ جو نقطو | (1814°K)(1541°C) |
• پگھرائڻ لاء حرارت | 14.1 ڪلو جول في مول |
• ٻاڦ جي حرارت | 332.7 ڪلو جول في مول |
• مولر گرميء گنجائش | 25.52 جول في مول.ڪيلون |
اسڪينڊيئم (Scandium) هڪ ڪيميائي تت آهي؛ ان جو نشان Sc ۽ ايٽمي نمبر 21 آهي. اهو هڪ اڇو، چاندي جهڙي چمڪ وارو ڊي-بلاڪ جو ڌاتو عنصر آهي. تاريخي طور تي، هن کي يٽريئم (Yttrium) ۽ بئين لنٿانائيڊ سان گڏ، هڪ نادر زميني عنصر جي طور تي درجه بندي ڪيو ويو آهي.[1] اها سال 1879ع ۾ اسڪنيڊينيويا جي يوڪسينائٽ ۽ گڊولينائٽ ڪچڌاتن جي اسپيڪٽرل تجزيي ذريعي دريافت ڪيو ويو.[2]
اسڪينڊيم يورينيم ۽ ناياب ڌاتن جي مرڪبن جي اڪثر ذخيرن ۾ موجود آهي، پر اهو دنيا جي صرف ڪجهه کاڻن ۾ انهن مان ڪڍيو ويندو آهي. گهٽ دستيابي ۽ هن جي ڌات جي تياري ۾ مشڪلاتن جي ڪري (جيڪا پهريون ڀيرو 1937ع ۾ ڪيو ويو)، اسڪينڊيم جا استعمال 1970ع جي ڏهاڪي تائين ترقي نه ڪيا، جيستائين اسڪينڊيم جا ايلومينيم جي مصرن تي مثبت اثر دريافت ٿيا. اهڙي مصرن ۾ ان جو استعمال ان جو واحد وڏو استعمال رهي ٿو. اسڪينڊيم آڪسائيڊ جو عالمي واپار هر سال 15 کان 20 ٽن تائين آهي.[3]
اسڪينڊيم جي مرڪبن جون خاصيتون ايلومينيم ۽ يٽريم جي وچ ۾ وچولي آهن. ميگنيشيم ۽ اسڪينڊيئم جي وچ ۾ هڪ ترچھو تعلق (diagonal relation) موجود آهي، جهڙوڪ بيريليم ۽ ايلومينيم جي وچ ۾ آهي. گروپ 3 ۾ عنصرن جي ڪيميائي مرڪبن ۾، غالب آڪسيڊيشن حالت +3 آهي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "IUPAC Recommendations, Nomenclature of Inorganic Chemistry" (PDF). وقت 2008-05-27 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل.
- ↑ Samson, Iain M.; Chassé, Mathieu, "Scandium", ۾ White, William M., Encyclopedia of Geochemistry: A Comprehensive Reference Source on the Chemistry of the Earth, Cham: Springer International Publishing, صفحا. 1–5, ISBN 978-3-319-39193-9, doi:10.1007/978-3-319-39193-9_281-1
- ↑ "Mineral Commodity Summaries 2020" (PDF). US Geological Survey Mineral Commodities Summary 2020. US Geological Survey. حاصل ڪيل 10 February 2020.