اسڪالرز اڪيڊمي
ڏيک
نامور، عالم، اديب ۽ صحافي محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي ياد ۾ ”محمد عثمان ڏيپلائي ٽرسٽ“ پاران هن تعليمي ۽ ثقافتي اداري کي سن 2003ع ڌاري قاسم -آباد- حيدرآباد ۾ قائم ڪيو ويو. اداري جو افتتاح اُن وقت جي وزير -تعليم- سنڌ ڊاڪٽر حميده کهڙو ڪيو. اڪيڊميءَ جو اعزازي پرنسپال محمد علي ڏيپلائي آهي ۽ وائيس پرنسپال محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي پوٽي مسز رفيعه رياض آهي.[1]