اسٽيو ولھائيٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اسٽيو ولھائيٽ
Steve Wilhite
قوميت آمريڪي
شھريت يونائيٽيڊ اسٽيٽس
شھرت جو ڪارڻ جي آء ايف
اعزاز ويبي لائيف ٽائيم اچيومينٽ [1]
'سائنسي پيشو'
شعبو ڪمپيوٽر سائنس
ادارا ڪمپيو سرو(CompuServe)
اي او ايل
متاثر ٿيو جي آء ايف

اسٽيو ولھائيٽ(انگريزي: Steve Wilhite ) ڪمپيوٽر جي ھڪ آمريڪي سائنسدان جو نالو آهي جنھن ڪمپيو سرو ڪم ڪيو ۽ جي آء ايف (GIF) فائيل فارميٽ جو خالق آهي. اھو فائيل فارميٽ پي اين جي واري فائيل فارميٽ جي ٺھڻ تائين انٽرنيٽ تي اٺ بٽ واري رنگين عڪس لاء ھڪ عام معيار ھيو. [2] ھن جي آء ايف جو فارميٽ 1987 ۾ تيار ڪيو ۽ 2016 تائين ھي فارميٽ ويب سائيٽ ڊزائين، سوشل ميڊيا جي پوسٽن، ورڪ فلو ڊاڪيومينٽس ۽ ھائو-ٽہ-گائيڊس لاءِ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ فارميٽ ھيو.[3] ڪمپيو سرو انفارميشن مينيجر ٿيڻ کان اڳ ھي ڪمپيو سرو جي ھڪ ٽيم ۾ ڪم ڪندڙ ھيو جنھن پي ڊي پي 10 سسٽم ڪمپيوٽرن تي رن ٽائيم جا سسٽم ٺاھيا جيڪي ڪمپيو سرو جا سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ پليٽفارم ھيا جن ۾ فورٽران ۽ بيسڪ (BASIC) ڪمپائيلر ۽ رن ٽائيم سسٽم شامل آهن ۽ بلس (BLISS) پروگرامن جي ٽيڪ لاء انھن جي مکيہ لائبريري بي ٽولس (BTOOLS) آھي.جي آء ايف کي جف jif اچارڻ سان اڪثر ولھائيٽ جو نالو موضوع بحث رھندو آھي . آڪسفورڊ ڊڪشنري ان جف (jif) اچار کي مڃي ٿي .[4]

حوالا[سنواريو]