مواد ڏانھن هلو

اسٽيو ولھائيٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اسٽيو ولھائيٽ
Steve Wilhite
قوميتآمريڪي
شھريتيونائيٽيڊ اسٽيٽس
شھرت جو ڪارڻجي آء ايف
اعزازويبي لائيف ٽائيم اچيومينٽ [1]
سائنسي ڪيريئر
شعباڪمپيوٽر سائنس
اداريڪمپيو سرو(CompuServe)
اي او ايل
ٿيسز-->
متاثر ٿيلجي آء ايف



اسٽيو ولھائيٽ(انگريزي: Steve Wilhite ) ڪمپيوٽر جي ھڪ آمريڪي سائنسدان جو نالو آهي جنھن ڪمپيو سرو ڪم ڪيو ۽ جي آء ايف (GIF) فائيل فارميٽ جو خالق آهي. اھو فائيل فارميٽ پي اين جي واري فائيل فارميٽ جي ٺھڻ تائين انٽرنيٽ تي اٺ بٽ واري رنگين عڪس لاء ھڪ عام معيار ھيو. [2] ھن جي آء ايف جو فارميٽ 1987 ۾ تيار ڪيو ۽ 2016 تائين ھي فارميٽ ويب سائيٽ ڊزائين، سوشل ميڊيا جي پوسٽن، ورڪ فلو ڊاڪيومينٽس ۽ ھائو-ٽہ-گائيڊس لاءِ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ فارميٽ ھيو.[3] ڪمپيو سرو انفارميشن مينيجر ٿيڻ کان اڳ ھي ڪمپيو سرو جي ھڪ ٽيم ۾ ڪم ڪندڙ ھيو جنھن پي ڊي پي 10 سسٽم ڪمپيوٽرن تي رن ٽائيم جا سسٽم ٺاھيا جيڪي ڪمپيو سرو جا سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ پليٽفارم ھيا جن ۾ فورٽران ۽ بيسڪ (BASIC) ڪمپائيلر ۽ رن ٽائيم سسٽم شامل آهن ۽ بلس (BLISS) پروگرامن جي ٽيڪ لاء انھن جي مکيہ لائبريري بي ٽولس (BTOOLS) آھي.جي آء ايف کي جف jif اچارڻ سان اڪثر ولھائيٽ جو نالو موضوع بحث رھندو آھي . آڪسفورڊ ڊڪشنري ان جف (jif) اچار کي مڃي ٿي .[4]

حوالا

[سنواريو]
  1. "Special Achievement". International Academy of Digital Arts and Sciences. 2013-05-22 تي حاصل ڪيل.
  2. "Confusion reigns on the Web over GIF patent claims". Network World. IDG Network World Inc. 9 January 1995. 2013-05-22 تي حاصل ڪيل.
  3. 4 Trends in Web Design That Would Take Businesses to Greater Heights in 2017
  4. Olsen, Steve. "The GIF Pronunciation Page". 6 March 2009 تي حاصل ڪيل.