اسٽيفن برچ
اسٽيفن برچ برطانيا جو هڪ صحتياتي معاشيات دان آهي. هن 2018ع ۾ ڪوئنزلينڊ يونيورسٽي ۾ صحت جي ڪاروبار ۽ معاشيات مرڪز (سينٽر فار بزنس اينڊ اڪانامڪس آف ھيلٿ) جي ڊائريڪٽر ۽ چيئر طور شموليت اختيار ڪئي.
هو ان کان اڳ مئڪ ماسٽر يونيورسٽي، ڪينيڊا جي صحتي تحقيقاتي طريقن، ثبوت ۽ اثر (ڊپارٽمينٽ آف ھيلٿ ريسرچ ميٿڊس, ايويڊنس, اينڊ امپيڪٽ) واري شعبي ۾ پروفيسر رهيو. هو مئڪ ماسٽر يونيورسٽي جي صحتياتي معاشيات ۽ پاليسي تجزيي مرڪز (سينٽر فار ھيلٿ ايڪانامڪس اينڊ پاليسي اينالائسس) جو پڻ رڪن آهي ۽ يونيورسٽي آف مانچسٽر ۾ صحتياتي معاشيات جو مهمان چيئر پڻ رهيو آهي. 2011ع ۾ ورلڊ بئنڪ طرفان کيس پنهنجي ساٿي اميرام گافني سان گڏيل طور ڪينيڊا جو سڀ کان وڌيڪ حوالو ڏنل صحتياتي معاشيات جو محقق قرار ڏنو ويو.[1][2]
برچ تعليم شيفيلڊ يونيورسٽي مان معاشيات ۾ بي اي (B.A.)، يونيورسٽي آف باتھ مان مالياتي اڀياس (فسڪل اسٽڊيز) ۾ ايم ايس سي (MSc)، ۽ يونيورسٽي آف يارڪ مان معاشيات ۾ ڊي.فل (D.Phil.) حاصل ڪئي، جيڪي سڀ انگلينڊ ۾ واقع آهن.[3]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Buist, Steve (13 November 2011). "You're the tops, World Bank says of Mac researchers". The Hamilton Spectator. 2017-08-13 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Stephen Birch". chepa.org (انگريزي ۾). 2017-08-13 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Canada, Health. "Non-Insured Health Benefits Oral Health Advisory Committee". canada.ca (انگريزي ۾). 2017-08-13 تي حاصل ڪيل.
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- CS1 انگريزي-language sources (en)
- VIAF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- LCCN سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- ISNI سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- ORCID سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- GND سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- يونيورسٽي آف مانچسٽر جا علمي ڪارڪن
- شيفيلڊ يونيورسٽي جا علمي ڪارڪن
- يونيورسٽي آف يارڪ جا علمي ڪارڪن
- مئڪ ماسٽر يونيورسٽي جا علمي عملو
- ڪوئنزلينڊ يونيورسٽي جا علمي عملو
- يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي سڊني جا علمي عملو
- يونيورسٽي آف باتھ جا سابق شاگرد
- شيفيلڊ يونيورسٽي جا سابق شاگرد
- يونيورسٽي آف يارڪ جا سابق شاگرد
- برطانوي معاشيات دان
- صحتياتي معاشيات دان
- زنده ماڻهو
- پيدائش جو سال نامعلوم (زنده ماڻهو)