اسماعيل اداسي
عوامي ٻوليءَ ۾ سچن جذبن وارو هي شاعر 1950ع ڌاري لاڙ ۾ سنڌوءَ جي قديم ڦاٽ گونيءَ جي ڪپ تي گولاڙچيءَ ويجهو ڳوٺ ڏاڙهون ملاح ۾ ڄائو. سخت -ترين- معاشي حالتن جو شڪار سندس ڪٽنب هارپي، ماهيگيري، واڍڪي ڪم، ڪوڏر توڻي ڌنارڪي ڪرت تي گذر ڪندو رهيو. 74-1973ع ۾ باقر سنائيءَ جا پورهيتن جا گيت پڙهيائين ته ڪايا پلٽجي ويس. ائين عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيو ۽ شاعري ڪرڻ لڳو، 1978ع ۾ صحافت جي آزاديءَ واري تحريڪ ۾ ڪراچيءَ جي ريگل چوڪ -تان- گرفتاري ڏنائين. کيس تمام سخت ٽارچر مان گذرڻو پيو. هن کي ڇهه مهينا سزا ملي. -ان- ئي تحريڪ دوران ڪميونسٽ پارٽيءَ جا ڪارڪن دوست ٺاهيائين. -ان- ئي تحريڪ دوران شميم واسطي، جي اين مغل، موسيٰ ديپڪ (ڊان -اخبار- وارو) ۽ ٻيا صحافي قيد ٿيا هئا. -ان- قيد دوران ’اداسي‘ مرڻ گهڙيءَ تائين -بک- هڙتال تي ويٺو، جيڪا 17 يا 18 ڏينهن هلي. کيس سزا طور -بند- وارڊ به ڪيو ويو. نيٺ فاضل راهو اها -بک- هڙتال ختم ڪرائي. 1979ع ۾ اسماعيل اداسيءَ سنڌي ادبي سنگت کورواهه وڃڻ شروع ڪيو ۽ عوامي تحريڪ جو ڪل وقتي ڪارڪن ٿي رهيو. اداسيءَ ٻيو ڀيرو ايم. آر. ڊي تحريڪ دوران 16 -آگسٽ- تي کورواهه ۾ جلوس ڪڍي گرفتاري ڏني ۽ جيل ويو. هن ڀيري هو 12 مهينا جيل ۾ رهيو. سندس شاعريءَ جو مجموعو ”ڍاٽيئڙا پٽ ڍول ڪٺا“ ڇپائيءَ هيٺ آهي.[1]