اسلام ۾ انجيل
ڏيک
اسلام تي مضمونن جو سلسلو |
اسلام |
---|
![]() |
انجيل ( عربي: انجيل) اسلام ۾، تورات، زبور ۽ قرآن مجيد سان گڏ، چار مقدس ڪتابن مان هڪ آهي، جيڪي عيسيٰ عليه السلام تي نازل ڪئي وئي، جن کي عيسائيت ۾ عيسيٰ جي گوسپل (Gospel of Jesus) جي نالي سان سڏيو ويندو آهي.
قرآن مجيد "انجيل" کي چئن مقدس ڪتابن مان هڪ طور بيان ڪري ٿو جيڪيون الله طرفان نازل ٿيون آهن، قرآن کانسواء ٻئي ٻه، توريت (Torah) ۽ زبور (Psalm) آهن. لفظ، انجيل قرآن مجيد، حديث ۽ ابتدائي اسلامي دستاويزن ۾ پڻ استعمال ڪيو ويو آهي، جيڪا هڪ "الهامي ڪتاب" ۽ الله تعالٰي طرفان حضرت عيسيٰ عليه السلام تي ڪيل وحي، ٻنهي جي حوالي سان آهي.