مواد ڏانھن هلو

اسلام ڪيئن پکڙيو (ڪتاب)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

”نئين زندگي“ رسالي جي باني -ايڊيٽر- ۽ بزرگ اديب مولانا عبدالواحد سنڌيءَ جو هيءُ ڪتاب، اردوءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو شبانه سولنگيءَ ڪيو آهي. ڊيمي سائيز جي 129 صفحن تي ٻڌل هن ڪتاب جي قيمت 35 رپيا آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران 1998ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. هن ڪتاب ۾ پاڻ سڳورن صلي -الله- عليه وسلم جي آخري وصيت، سندن جانشينن، روم، ايران، عراق ۽ شام ۾ -اسلام- جي پکيڙ، خلافت جي خاتمي، بادشاهت جي شروعات، -اسلام- پکيڙيندڙن جي زندگين جي ماڻهن تي اثر کان وٺي آفريڪا، هندستان، ملايا، جاوا، فلپائين، چين، وچ -ايشيا- کان وٺي آمريڪا، -آسٽريليا- ۽ جاپان ۾ -اسلام- جي پکيڙ جو مختصر مگر جامع تذڪرو شامل آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]