مواد ڏانھن هلو

اسلام پور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هن نالي سان سنڌ جي جدا جدا ضلعن ۾ هيٺيان پنج ڳوٺ -آباد- آهن: هڪڙو ڳوٺ تعلقي ٽنڊي الهيار جي ديهه ”بُلغائيءَ“ ۾ -آباد- آهي، جنهن جي -آدمشماري- 500کان مٿي ٿيندي، ٻيو ڳوٺ دادو تعلقي جي ديهه ”ڪينجهر“ ۾ -آباد- آهي، جنهن ۾ رهندڙن جو تعداد 600 آهي. ٽيون ڳوٺ تعلقي ۽ ديهه ”رتي ديري“ ۾ -آباد- آهي، جنهن جي آبادي چار پنج سئو کن آهي، چوٿون ڳوٺ تعلقي ساماري جي ديهه ”ڪنڊياريءَ“ ۾ -آباد- آهي، جنهن ۾ اڍائي هزار ماڻهو رهندڙ آهن، پنجون ڳوٺ تعلقي ساماري جي ديهه ”ڇاڇري“ ۾ -آباد- آهي، جنهن ۾ ٻه سئو کن ماڻهو رهندڙ آهن. انهن سڀني ڳوٺن ۾ پرائمري اسڪول موجود آهن.[1]

حوالا

[سنواريو]