اسلاميه دارالاشاعت
ڏيک
اسلاميه دارالاشاعت- ميرپور خاص / حيدرآباد: هن اشاعتي اداري جو پايو محمد عثمان ڏيپلائيءَ سن 1938ع ۾ پنجاهه رپين جي موڙيءَ سان، ميرپور خاص ۾ وڌو. پهريون ڪتاب جيڪو هن اداري مان شايع ٿيو سو هو ڏيپلائيءَ صاحب جو لکيل ناول ”سنگدل شهزادي“. انهيءَ کان پوءِ ڏيپلائي صاحب طرفان -جاري- ڪيل ماهوار ”عبرت“ ڪتاب جي سلسلي جا چاليهه کن ناول هن اداري ميرپور خاص مان شايع ڪيا. اڳتي هلي سن 1942ع ۾ هي ادارو حيدرآباد ۾ منتقل ٿيو ۽ ڏيپلائي صاحب جا ڪتاب تواتر سان سنه 1980ع تائين شايع ڪندو رهيو. ڏيپلائي صاحب جا سوکن ڪتاب هن اداري شايع ڪيا.[1]